گهاڙ واهه: ضلعي قنبر-شھدادڪوٽ ۾ وهندڙ هڪ آڳاٽو واهه، جيڪو سنڌو درياهه مان، لاڙڪاڻي شھر وٽان وهي قنبر- شھدادڪوٽ ۽ جيڪب آباد ضلعي جي ڪجهه حصن کي آباد ڪندو هو. لاڙڪاڻي ضلعي جي خوشحالي ۽ واپار جي اهميت جو دارومدار هن واهه تي هو. گهڻي زماني کان هن واهه جي ڪري هتي تمام سٺا فصل ٿيندا هئا. هي واهه قديم زماني کان موجود هو، پر هڪ ڦاٽ جي صورت ۾ هو. ان ڪري آبپاشيءَ جي لحاظ کان ايترو ڪارائتو نه هو. ميان شاهه علي عرف شاهل محمد، پنھنجي والد الياس محمد ڪلهوڙي جي وفات کان پوءِ مسند نشين ٿيو، سندس خاندان کي لاڙڪاڻي ۾ جاگيرون مليل هيون. هن نئين سر کوٽائي ۽ گهڙائي ڪرائي، جنھن کان پوءِ اهو ’گهاڙ واهه‘ جي نالي سان مشھور ٿيو. تاريخ جي مختلف دؤرن ۾ هن کي گهاڙ واهه سان گڏ ’گهاڙ ڪئنال‘، ’شاهه واهه‘ ۽ ’وڏو واهه‘ جي نالي سان به سڏيو ويو آهي. هن واهه تي لاڙڪاڻي شھر وٽ وڏو بندر هو، هن واهه ذريعي وڏا ٻيڙا هيٺ ٺٽي تائين ويندا هئا ۽ مٿي سکر کان ٿيندا پنجاب تائين ويندا هئا. بندر جي ڪري ’بندر روڊ‘ مشھور هو. ميان نور محمد جي دؤر ۾ گهاڙ واهه مان ٻيون به شاخون ڪڍيون ويون جن تي (1) نور واهه (ميان نور محمد جي نالي تي اهو واهه آهي)، (2) شاهه جي ڪڙ (شاهه بھاري کوٽايو) ۽ (3) ڏاتي جي ڪڙ (ڏاتي کھڙي کوٽرايو هو). انھن کان سواءِ نصرت واهه (نصرت چانڊئي جو ٺھرايل) ’ميرواهه‘، ’فيض واهه‘، ’خانواهه‘، ’ٽڳڙ واهه‘، ’هير واهه‘، ‘آبڙو واهه‘، ’سرائي واهه‘، ’ڳورڙو شاخ‘، ’نصير واهه‘، ’ڪور هاشم‘، ’ذاتي بي ڪور‘، ’شاهه جي ڪور‘، ’ڪور متل‘، ’گٺ واهه‘، ’سنھڙو چيلو‘ ۽ ٻيا ڪيترائي واهه قابل ذڪر آهن.