گهاڙ گهاڙ واريون ٽڪريون

گهاڙ/گهاڙ واريون ٽڪريون: خيرپور ضلعي جي ٽاڪرو علائقي کي ’گهاڙ‘ سڏجي ٿو. هن علائقي ۾ موجود ننڍين ننڍين ٽڪرين کي وري گهاڙ واريون ٽڪريون سڏيو ويندو آهي. اِنھن ٽڪرين ۾ موجود چقمقي پٿر (Flint) کي مقامي ماڻهو ’سيانٽو‘ چون ٿا، ڇو ته اِن چقمقي پٿر جو رنگ گھرو ناسي آهي. سيانٽي ذريعي ڪنھن زماني ۾ باهه ٻاري ويندي هئي، پر هاڻي ائين نه ٿو ڪيو وڃي. گهاڙ وارين انھن ٽڪرين ۾، تعلقي ڪوٽڏيجيءَ (خيرپورميرس) جي ڳوٺ راڄپاري ويجهو، هڪ ٽڪريءَ تي بلخ کان آيل صوفي بزرگ ابراهيم بن اڌم بلخيءَ جو روضو موجود آهي، جتي هر سال 13 رمضان تي، ساليانو عُرس ۽ ميلو لڳايو ويندو آهي. گهاڙ واريون ٽڪريون هڪ ويران پھاڙي علائقو آهي، جتي صرف ميلي جي موقعي تي ئي مچ مچايو ويندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو