گهاگهرگهڙو

گهاگهرگهڙو

گهاگهرگهڙو

گهاگهر/گهڙو (ساز): هي مٽيءَ مان ٺھيل سنڌ جو ساز آهي. وڄت لاءِ پڪواز جي جڳھه تي يا گڏ دلو-گهاگهر وڄائي ويندي آهي. اول دلو، پوءِ گهڙو ۽ ان کان پوءِ گهاگهر ٿيو. وڄائڻ وارا هڪ هٿ گهاگهر جي منھن تي رکندا آهن ۽ ٻئي هٿ سان گهاگهر جي پاسن ۽ هيٺان کان ڌڪ هڻي پھرئين هٿ سان گهاگهر جو منھن کولي ڌڪ ڌي جي آواز سان تال ڪڍندا آهن. گهڙو وڄائيندڙ کي ’گهڙائي‘ سڏيو وڃي ٿو. سنڌ ۾ جتي ڪٿي گهاگهر وڄائي وڃي ٿي هن ساز کي مٺي خان زرداري گهڻي مقبوليت ڏياري، جنھن گهاگهر تي ڪھروا، ڌاڌرو، جهومر ويندي تين تال ۽ روپڪ تار وڏن فنڪارن سان سنگت ۾ وڄائي مشھوري ماڻي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو