گهلُو (ذات): هيءَ هڪ سماٽ ذات آهي. ڄام هوٿيءَ جا 14 پٽ ڄاڻايا وڃن ٿا، جن مان هڪڙي جو نالو ’گهلو‘ هو ۽ اُن جو اولاد اڄ تائين ’گهلو‘ ٿو سڏجي. گهلو ذات وارن بابت اهو به مشھور آهي ته هي جٽن مان هئا، جن کي اچ شريف واري مخدوم جھانيان جھان گشت مسلمان ڪيو. ملتان واري علائقي ۾ رهندڙ هئا. سندن مادري ٻولي پڻ سرائڪي آهي. هي ملتان، بھاولپور، احمد پور شرقيه ۽ اُچ شريف ۾ گھڻي تعداد ۾ آباد آهن. سنڌ جي شھر دادوءَ ۾ پڻ گهلو رهن ٿا.