گهوڙا ٻاري: هي ٺٽي ضلعي جي سامونڊي پٽيءَ جو آڳاٽو شھر آهي، جيڪو هن وقت تعلقي جي حيثيت رکي ٿو. هن کي ٻاري گوراهه يا گوراهه ٻاري چيو ويندو هو، بعد ۾ اهو گهوڙا ٻاري يا گهوڙي ٻاري جي نالي سان مشھور ٿيو. جيڪو ٽالپرن جي آخري دور ۽ انگريزن جي شروعاتي دور ۾ آباد ٿيو هو. ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي دور جي جن واهن کي انگريزن سڌاريو هو، انھن ۾ هڪ گهوڙا فيڊر به هو، جيڪو سنڌو مان گهوڙا ٻاريءَ وٽان وهندو هو. گهوڙا ٻاريءَ نالي بابت ٻه روايتون آهن، هڪ روايت موجب راجا اسواپتي جيڪو گهوڙن جو واپاري هو، ان جي، هن هنڌ گهوڙن جي ٻاري هئي، جنھن ڪري هن تي گهوڙا ٻاري جو نالو پيو. هي واقعو راءِ سھاسيءَ کان به اڳ جو آهي. ٻي روايت موجب گهوڙا ٻاري وٽان درياهه مان ڪو ڍورو نڪتو، جيڪو گهوڙي وانگر تيز وهندڙ هو، تنھن ڪري ان جو نالو گهوڙو درياهه پيو ۽ ان تي گهوڙا ٻاري نالي ڳوٺ آباد ٿيو. جنھن جا کنڊرات، ڳاڙهي شھر کان اٽڪل 6 ڪلو ميٽر ڏکڻ اولھه طرف، ڪيٽي بندر تعلقي ۾ موجود آهن. ان ديھه جو نالو پڻ گهوڙا ٻاري آهي. هتي انتظامي لحاظ کان آفيسون قائم ٿيل هيون، جتي ٽالپر ۽ انگريز دور ۾ آفيسر گهوڙن وسيلي پھچندا هئا، سندن گهوڙا جنھن زمين جي ٽُڪري يا ٻاري ۾ ٻڌا ويندا هئا، ان کي ”گهوڙن جي ٻاري“ يا ”گهوڙا ٻاري“ سڏڻ لڳا. هي شھر، درياهه جي ڀر ۾ هجڻ ڪري مقامي پتڻ تان گهوڙن وسيلي مڇي ٻئي پاسي کڻي ويندا هئا، ممڪن آهي اُهي گهوڙا به اتي ٻڌا ويندا هئا. ورهاڱي کان پوءِ، اتان پوليس ٿاڻو ۽ روينيو آفيسون، ڪوٽڙي الھه رکيو شاهه ۾ منتقل ڪيون ويون. سرڪاري ادارن جي قائم ٿيڻ بعد اهو شھر ترقي ڪرڻ لڳو ۽ ڪوٽڙي الھه رکيو نالو مٽجي، گهوڙا ٻاري سڏجڻ لڳو. پراڻو گهوڙا ٻاري ويران ٿي ويو. جنھن جا آثار باقي ڪي وڃي رهيا آهن.