
گهيٽار پِير
گهيٽار پِير: روپاماڙي کان ٽن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي روڊ جي اولھه طرف ھڪ اڪيلي قبر موجود آهي، جيڪا ’گهيٽار پِير‘ جي نالي سان مشھور آھي، پھريائين رڳو مٽيءَ جو ھڪ ڍير نظر ايندي ھئي، پر پوءِ ڪنھن اڻڄاتل شخص اھا قبر پڪي ٺھرائي، جيڪا ھاڻي زبون ٿي چڪي آھي.روايتن موجب انهيءَ جاءِ تان درياهه وھندو ھو، جيڪو شيخاڻي گھاڙي تان وڃي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو. درياهه جي ھن تڙ تان ھي بزرگ شخص ’گهيٽار پِير‘ ايندڙ ويندڙ ماڻھن جو مال متاع درياهه تان پار ڪرائڻ ۾ سندن مدد ڪندو ھو.