گوار

گوار (Cluster Beans): گوار جو سائنسي نالو Cyamopsis teragonoloba Taub ۽ ڪٽب Popi Lionuideae اٿس. گوار خريف جي موسم جو فصل آهي، هن فصل کي انڊيا ۽ پاڪستان ۾ گهڻو پوکيو وڃي ٿو، هي ٿوري پاڻيءَ وارو فصل آهي ۽ پوري سنڌ ۾ پوکيو وڃي ٿو. هن فصل کي ٿر واري علائقي ۾ برسات تي پوکيو وڃي ٿو. هن فصل جون سايون ڦريون ڀاڄيءَ طور استعمال ٿين ٿيون. گوار ۾ پروٽين گهڻو آهي، تنھنڪري جانورن کي کارائڻ سان کير وڌندو آهي، هي فصل سائي ڀاڻ طور به پوکيو وڃي ٿو. هن فصل لاءِ خشڪ گرم موسم بھترين آهي. گوار کي هر قسم جي زمين ۾ پوکي سگهجي ٿو، پر وارياسي لٽياسي زمين فصل لاءِ وڌيڪ بھتر آهي. گوار جون ٻه جنسون ڪاڇڻ ۽ ڪنڍڙي وڌيڪ بهتر آهن. ڪاڇڻ جون ڦريون لسيون ۽ آڱر وانگر سڌيون ۽ ڊگهيون ٿين ٿيون، ڪنڍيءَ جون ڦريون لسيون ۽ ڪنڍيون يا ڪنڍيءَ مينھن جي سڱن وانگر ٿين ٿيون. ڪاڇڻ گوار جي پوک سنڌ جي ڏاکڻن علائقن ۾ جنوريءَ جي آخري هفتي کان شروع ٿي ويندي آهي، جيڪا مارچ جي آخر تائين هلندي آهي. ڪنڍڙي گوار جولاءِ ۽ آگسٽ جي مھينن ۾ پوکي ويندي آهي. باراني علائقن ۾ ناڙيءَ رستي 12 کان 15 ڪلو گرام ٻج في ايڪڙ استعمال ڪرڻ گهرجي. گوار جو فصل خشڪ ۽ گرم موسم ۾ ٿئي ٿو، ڪن ڪن حالتن ۾ هڪ پاڻيءَ تي به ٿي ويندو آهي، پر آبپاشيءَ وارن علائقن ۾ وڌ ۾ وڌ 2 کان 3 دفعا پاڻي ڏبا آهن. هن فصل لاءِ ڪو خاص ڀاڻ استعمال نه ڪيو ويندو آهي، پر سٺي پيداوار حاصل ڪرڻ لاءِ بئراجي علائقن ۾ پوکيءَ جي وقت هڪ ٻوري ڊي. اي. پي استعمال ڪري سگهجي ٿي. ٻج خاطر پوکيل گوار 15 کان 20 مڻ في ايڪڙ پيداوار ڏيندو آهي، پر گاهه خاطر پوکيل گوار جو فصل 300 مڻ پيداوار به ڏيندو آهي. باراني علائقن ۾ به 12 کان 15 مڻ في ايڪڙ پيداوار لھندي آهي.


لفظ گوارھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو