گولاڙو: هيءُ لوڪ گيت ٿرپارڪر واري خطي ۾ عام رائج آهي. وسڪاري جي مند ۾ گولاڙن پچڻ جي موسم ۾ جڏھن نينگريون جهنگ ۾گولاڙا پٽڻ وڃن، تڏھن پاڻ ۾ گڏجي ڳائينديون آھن. لاڙ، ٿرپارڪر سان لاڳو خطو آهي. ڏڪار جي ايندو ته ٿرين جي لڏپلاڻ جو گهڻو اثر لاڙ ڀاڱي تي ٿيندو آهي، تنھنڪري هيءُ گيت لاڙ ۾ پڻ رائج ٿيو. لاڙ واري ڀاڱي ۾ هي گيت نج سنڌيءَ ۾ آهي، ان ۾ ڪي لفظ ٿري محاوري ۾ آھن. هيءُ گيت اصل ٿري محاوري ۾ چيل هو، جو پوءِ لاڙ جي سنڌي محاوري ۾ رائج ٿيو.
سادي سٽاءَ واري گيت ۾ هڪ ننڍي مصرع ٿئي، جنھن جي آخر ۾ لفظ ’گولاڙو‘ بطور وراڻي چوندا آھن.
گولاڙي جي گول پـَـڪي، گولاڙو.
ميوو پچي تنھن جو موٽـَـريو - گولاڙو...
مينھيون بچن تنھنجون ماڻڪيون - گولاڙو...
(لوڪ گيت: سنڌي ادبي بورڊ)