گولاڙچي

گولاڙچي (شھر): سنڌ جي ضلعي بدين جو هڪ شھر، جنھن کي تعلقي هيڊ ڪواٽر جو درجو مليل آهي. گولاڙچيءَ تي سٺ کن سال اڳ ۾ نالو ٽنڊو اڪرم رکيو ويو پر عام طور گولاڙچي ئي مشھور هو. فاضل راهو جي شھادت کان پوءِ هن وقت ’شھيد فاضل راهو‘ جو نالو ڏنو ويو، پر هن وقت به عام طور گولاڙچيءَ جي نالي سان مشھور آهي. هي شھر معدني وسيلن جھڙوڪ: قدرتي گئس ۽ تيل جي ڪري مشھور آهي. گولاڙچي جي مکيھ آئل ۽ گئس فيلڊ، سجاول- بدين روڊ ويجهو چڪ 25 وٽ واقع آهي. زرعي لحاظ کان به مشھور آهي، خاص ڪري چانور، سورج مکي ۽ ٻيا فصل به گهڻا ٿين ٿا. هتي چانورن جا ڪيترائي ڪارخانا ۽ چڪيون آھن.


لفظ گولاڙچيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو