گولي شاهه جو قبو: هي قبو اڪبرپور جاگير، ضلعي شڪاپور ۾ قادر بخش فقير جي قبي جي ڀرسان آهي. جنھن ۾ ميرن جي فوجي سالارن گولي شاهه ۽ بھادر شاهه جون تربتون آھن. مشھور کرڙيءَ واري تاريخي جنگ (1834ع) بعد گولي شاهه جي فرزند غلام مرتضيٰ شاهه کي به انھيءَ قبي ۾ ئي دفنايو ويو هو. ھن قبي تي اندران ڪاشيءَ جو ڪم ٿيل آهي ۽ ميان محمد عالم جي هٿ سان بھترين قسم جي گلڪاري ۽ نقاشي ٿيل آهي.