گول راند

گول راند (راند): هيءَ هڪ ٻاراڻي راند ڪبڊي سان ملندڙ جلندڙ آهي. ٻار ميدان ۾ وڏو گول ليڪو ٺاهي، هڪ ھنڌ واريءَ جو ننڍڙو ڍڳ ٺاهيندا آهن. پوءِ اتان دَمَ گهُٽي هرڪو ڇوڪرو واري سان گول ليڪي تان ڊوڙ پائيندو ”ٿو ٿو وڏي ڪٻڏي.... ٿو ٿو وڏي ڪٻڏي“ چوندو ويندو. جتي ساهه کنيائين اتي ويھي رھندو. سڀني کان ويجهو جيڪو ويھندو تنھن تي آگ ايندي. پوءِ ٻيا ڇوڪرا گول اندر پيا ڊوڙندا ۽ ھن کي پُٺن تي ڌڪ هڻڻ جي ڪوشش ڪندا ۽ آگ ڏيندڙ انهن ڇوڪرن کي هٿ لائڻ جي ڪوشش ڪندو، جي ڪنھن کي هٿ لڳو يا ليڪي کان ٻاهر نڪتو ته کاتو، پوءِ اُهو به اچي ھن سان گڏبو. پوءِ ٻيئي ڄڻا پاڻ ۾ هٿ ۾ هٿ جهلي ٻين کي هٿ لائڻ جي ڪوشش ڪندا. اهڙيءَ طرح جڏھن سڀئي پورا ٿيندا، تڏھن اها راند پوري ٿيندي ۽ وري نئين سرگول تي ڊوڙي راند شروع ڪندا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو