
گوهر سنڌي
گوهر سنڌي (شاعر): گوهر سنڌيءَ جو اصل نالو علي گوهر ولد صوفي غلام محمد پياسي سومرو آهي. ھن پھرين فيبروري 1961ع تي رستم، ضلعي شڪارپور ۾ جنم ورتو. ھن ايم. اي سنڌي، ايم. ايڊ تائين تعليم حاصل ڪئي. پاڻ پيشي جي لحاظ کان هاءِ اسڪول استاد رهيو، جتان 2011ع ۾ رٽائر ٿيو. لکڻ جي شروعات 1980ع جي ڏهاڪي کان ڪيائين. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ’جوڀن ٻھ ٽي ڏينھڙا‘ (2008ع)، ’امن موٽائي ڏيو‘ (شاعري: 2011ع)، ’جاڳ او ٻالڪ جاڳ‘ (ٻارن لاءِ شاعري: 2014ع)، ’چنڊ روئي ڏنو‘ (شاعري: 2014ع)، ’نينھن ڪيو نروار‘ (ترتيب: 2014ع)، ’جاڳ او ٻالڪ جاڳ‘ (ٻاراڻي شاعري ٻيو ڀاڱو: 2017ع)، ’ريڙهه پيڙهه‘ (ستر جديد ڪھاڻيون 2018ع)، ’ڪو درد دُکيو هوندو‘ (سوانح ۽ شاعري: غلام محمد پياسي سومرو، 2022ع) ۽ ’مينھن ڪڻيون ۽ ماڪ‘ (تحقيق: 2024ع) شامل آهن.
گوهر سنڌي ڪيترن ئي ادبي پرچن سان به واڳيل رهيو آهي. هو هڪ مصور به آهي. کيس ڪيترائي ايوارڊ ۽ سندون ملي چڪيون آهن.
گئو مکي: ھندن جي هي عبادتگاهه تعلقي ننگرپارڪر ۾ ڪارونجهر جبل جي سلسلي ۾ ساڙڌري کان ميل کن ڏکڻ طرف ٽڪريءَ ۾ وا
1961.01.01 عيسوي
گوهر سنڌيءَ جو اصل نالو علي گوهر ولد صوفي غلام محمد پياسي سومرو آهي. ھن پھرين فيبروري 1961ع تي رستم، ضلعي شڪارپور ۾ جنم ورتو.