گوورڌن ڀارتي: گورڌن ولد آسومل محبوباڻيءَ ڀارتي جو جنم 13 جنوري 1929ع تي آراضي، تعلقي سيوهڻ، ضلعي ڄام شوري ۾ ٿيو. هن پرائمري تعليم سنڌ ۾ حاصل ڪئي. ورهاڱي کان پوءِ هو هندستان لڏي ويو ۽ آگرا يونيورسٽيءَ مان بي. اي ڪيائين. ڪجهه عرصو استاد ۽ پوءِ ريلوي ۾ ملازم رهيو. هو گائڪ سان گڏ هڪ بھترين اداڪار، هدايتڪار ۽ چترڪار پڻ هو. شاعريءَ ۾ نارائڻ شيام سندس استاد هو. هن شاعريءَ ۾ پھرين ’محبوباڻي‘ ۽ پوءِ ’ڀارتي‘ تخلص ڪم آندو. هي گيت جو مشھور شاعر ليکيو وڃي ٿو. هند ۾ ٺھيل ڪيترين ئي سنڌي فلمن جا هن گانا لکيا، جن ۾: ’جهولي لال‘، ’لاڏلي‘، ’سنڌوءَ جي ڪناري‘، ’هو جمالو‘، ’شل ڌيئر نه ڄمن‘ ۽ ’هل ته ڀڄي هلون‘ ۽ ٻيون شامل آھن. هن ڪيترائي گائڪ ۽ نوان نوان ڪلاڪار تيار ڪيا، جن جي رهنمائي ۽ سھائتا ڪيائين، ڪلاڪار منڊل جوڙي سندن صلاحيتن کي اجاگر ڪيائين. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ’عمر ماروي‘ (هندي ڊرامو)، ’لاتيون‘ (ٻاراڻا گيت: 1958ع)، ’طوفاني رات‘ (ناٽڪ: 1962ع)، ’گل ۽ مکڙيون‘ (شاعري: 1962ع)، ’نئين بستي‘ (ٻاراڻيون ڪھاڻيون: 1963ع)، ’پيلو چنڊ لال داغ‘ (ڪھاڻيون: 1966ع )، ’اُٺا مينھن ملير تي‘ (گيت: 1966ع)، ’پانڌي پراڻو واٽ نئين‘ (ڪھاڻيون: 1972ع)، ’بگڙيل گهر‘ (1972ع)، ’آءُ ڪُنن ۾ ڪاهي‘ (شاعري: 1973ع)، ’لاڏو لاڏي آڻيندو (سھرا: 1975ع)، ’تنھائي جو ڪوڙو دونھون‘ (1982ع)، ’شيشي جا گهر‘ (شاعري: 1988ع)، ’چنڊ تي چڙهائي‘ (ٻاراڻيون ڪھاڻيون: 1991ع)، ’آزادين جو اڳواڻ‘، ’ڪڻو به اگهاڻو ڪٿي اڏيري لال جو‘، ’او راما پير-پيڪي هلي وينديسانِ‘، سنتن جو سردار- ڪنور‘، ’سون جھڙي مڇلي‘ ۽ ’اڏر پکي البيلا ‘ شامل آهن. مڃتا طور کيس سنڌي ساهتيھ اڪادمي دهليءَ جي ايوارڊ سميت ڪيترائي ايوارڊ ۽ ٻيا انعام مليا. هو 22 جون 2010ع تي اجمير ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
1929.01.13 عيسوي
گورڌن ولد آسومل محبوباڻيءَ ڀارتي جو جنم 13 جنوري 1929ع تي آراضي، تعلقي سيوهڻ، ضلعي ڄام شوري ۾ ٿيو.
2010.06.22 عيسوي
گوورڌن ڀارتي 22 جون 2010ع تي اجمير ۾ وفات ڪئي.