گوپانگ ڍنڍ

گوپانگ ڍنڍ: هيءَ ڍنڍ ضلعي ڄامشوري، تعلقي ڪوٽڙيءَ ۾ آهي. ھن ڍنڍ کي ’کاسائي‘/خاصائيءَ جي نالي سان پڻ سڏيو ويندو آهي. هيءَ ڍنڍ سنڌونديءَ جي ڇڏيل اڳوڻي وهڪري سبب وجود ۾ آئي. ھن ۾ ڪيترن ئي قسمن جي مڇي پيدا ٿئي ٿي. جنھن ۾: ڪرڙو، سينگاري، فوجي، ڄرڪو، کڳو، اوٺي ۽ پوپرو شامل آهي. جڏھن ته سياري جي مند ۾ ڏيھي ۽ پرڏيھي پکي پڻ اهي واهيرو ڪندا آھن، گوپانگ ڍنڍ مقامي رهواسين لاءِ معاشي وسيلو هئڻ سان گڏ تفريحي ماڳ پڻ آهي.


لفظ گوپانگ ڍنڍھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو