گيان باغ

گيان باغ

گيان باغ

گيان باغ: لاڙڪاڻي شھر ۾، گهاڙ واهه سان لڳ هڪ خوبصورت باغ ’گيان باغ‘ نالي سان مشھور هو. هي باغ لاڙڪاڻي جي ’ديوان گيانچند‘ نالي هڪ امير واپاريءَ پوکايو هو. ھن باغ ۾ ان زماني ۾ ڏيھي ۽ پرڏيھي ڪيترائي گل، ٻوٽا ۽ وڻ گهرائي لڳايا ويا. جن باغن جي ڪري لاڙڪاڻي کي ’باغن جو شھر‘ سڏيو ويو، انھن ۾ گيان باغ جو نالو به اهم آهي، انھن باغن مان ’تجرباغ‘ کي ’جناح باغ‘ ۽ ’گيان باغ‘ کي ’ذوالفقار باغ‘ جو نالو ڏنو ويو آهي.


لفظ گيان باغھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو