گيت: گيت سنسڪرت لفظ ’گيا‘ مان ورتل چيو وڃي ٿو. سنڌيءَ ۾ ’ڳيا‘ مستعمل آهي، جنھن جي لغوي معنيٰ آهي ’ڳائڻ‘. مختلف لغتن ۾ گيت جي معنيٰ ’راڳ‘ يا ’ڳائڻ‘ آهي. ھنديءَ جي بلڪل آڳاٽين صنفن ۾ دوهو ۽ گيت ئي ملن ٿا. اصل ۾ ھندي گيتن جي شروعات مذهبي جذبي سان ٿي. ٻڌمت جي ڀڪشوئن ۽ ناٿ پنٿين جا گيت، ڏهين کان تيرهين صدي عيسويءَ ۾ ملن ٿا. ھنديءَ جي انھن اوائلي گيتڪارن ۾ سويا، نرڀتي نلھه، جگ نگ، خسرو، سندر داس، سورداس، ميران ٻائي ۽ ڇيت سوامي شامل آھن. گيت، لوڪ گيت کان نرالي ۽ منفرد صنف آهي ۽ ان کان گهڻو پوءِ جي پيداوار آهي، جنھن جي ابتدا فطري محبت جي جذبي هيٺ ٿي. سنڌيءَ ۾ پڻ لوڪ گيتن جي صورت ۾ گيت قديم زمانن کان موجود ملي ٿو. مرکان شيخڻ پھرين شاعره آهي، جنھن جا سومرن جي دور ۾ لکيل ڳيچ يا سھرا مليا آهن. موضوعاتي حوالي سان گيت ۾ شاعر عورت جي زباني، درد، فراق جا پرسوز نغما ڳائيندو آهي ۽ محبوب کي مخاطب ٿي، نھٺائيءَ سان پنھنجو حال اوريندو آهي. انسان جا سڀ کان نرم ۽ نازڪ احساس، گيتن ۾ سمايل آھن. وقت گذرڻ سان گيت جي موضوعاتي دنيا ۾ وسعت آئي آهي، رومانويت کان علاوه ان ۾ سماج جي مسئلن، مظلومن جو آواز، مقامي زندگيءَ ۾ سماج جي تصويرن ۽ وطن ۽ قوم جي اڪير جي جذبن کي به شامل ڪيو ويو آهي. جديد سنڌي شاعريءَ ۾ ’گيت‘ 1918ع-1920ع ڌاري ڪشنچند بيوس ذريعي آيو. ان کان اڳ مرزا قليچ بيگ، ڀيرو مل مھرچند، محمد صديق مسافر ۽ ٻين ٻاراڻا گيت لکيا هئا. جڏھن ته سڀ کان اڳ ڪشنچند بيوس ئي هو، جنھن ان صنف کي ديس جي پيار ۽ انگريز سامراج خلاف نفرت سميت ترقي پسند شاعريءَ طور مروج ڪيو. سنڌ جي اوائلي گيتڪار شاعرن ۾ کيئلداس فاني، وليرام بيگواڻي ’فاني‘، لطف الله جوڳي ۽ هري دلگير اچي وڃن ٿا.
ورهاڱي کان اڳ نرمل جيوتاڻي، لکميچند پريم ۽ پروفيسر مولچند ٺڪر به گيت جي صنف ۾ سٺا واڌارا ڪيا. ان دؤر ۾ شيخ اياز ۽ نياز همايونيءَ به پاڻ ملهايو. 1950ع کان پوءِ جي شاعرن مان هري دلگير، نارائڻ شيام، بردو سنڌي، گوورڌن محبوباڻي، تنوير عباسي، استاد بخاري، شمشير الحيدري، سليم ڳاڙهوي، راشد مورائي، ڪرشن راهي، امداد حسيني، سروپچند شاد، آثم ناٿن شاهي، تاجل بيوس، مير محمد پيرزادو، سرمد چانڊيو، اسحاق سميجو، وسيم سومرو، آڪاش انصاري، آسي زميني، ماڻڪ ملاح، محمد علي ’مانجهي‘، خير محمد ڪوي، علي دوست عاجز، علي آڪاش، خليل ڪنڀار ۽ ٻيا انيڪ گيتڪار شاعر آھن، جن ھن صنف ۾ گهڻو لکيو آهي. جديد گيت پنھنجي فني ۽ فڪري عظمت سبب اڄ به جديد شاعريءَ جي مقبول صنف آهي. گيت صنف تي سنڌي ادب ۾ ڪيترو ئي ڪم ٿيل آهي، نموني طور هيٺ گيت ڏجي ٿو:
او ترڇو هو ڏار ڏکڻ ۾،
ٽم ٽم ٽم ٽم ٻير اڱڻ ۾،
هر ڪو ڳاڙهيون ڳايون ميڙي، پن پن تڙپڻ ڪير ڏسي؟
محفل مستي جهوم لڱن ۾،
ڇم ڇم ڇم ڇير صحن ۾،
هر ڪو ڇلندڙ ڇاتي گهوري، دل جو ڌڙڪڻ ڪير ڏسي؟
ساگر سُڏڪي، گاج گجي ٿي،
ڪوهه رڙي ٿو، واچ لڇي ٿي،
ڀونءِ بدن تي ڌوڙ ٿي برسي، رڻ جو روئڻ ڪير ڏسي؟
ڳڱ ٿڌو ٿي پوه سمهي پيو،
آڙهه ٿي آکاڙ اٿي پيو،
ڪوسو ساهه ٿي جهولو چئونڪي، ڪنھن جو ڪوڪڻ ڪير ڏسي؟
(استاد بخاري)