گَچيرو ڍنڍ: سنڌ جي هيءَ تاريخي ڍنڍ تعلقي موري، ضلعي نوشھري فيروز ۾، درياهه جي ڀرسان گچيري ۾ ڦٽل آثارن جي صورت ۾ موجود آهي. ھن ڍنڍ کي مير معصوم بکريءَ، ’تاريخ معصوميءَ‘ ۾ ’گچري‘ جي نالي سان سڏيو آهي، گچيرو شھر ويجهو هئڻ سبب ھن ڍنڍ جو نالو به گچيرو پئجي ويو. درياهه کي بند ٻڌي سوڙهو ڪرڻ کان پوءِ هيءَ ڍنڍ هاڻي ڄڻ ته ختم ٿي چڪي آهي، پر درياهه جي چاڙهه وارن ڏينھن ۾ ڀرجي ويندي آهي.