گُجو شھر

گُجو (شھر): ٺٽي ضلعي جو هي قديم شھر تاريخي لحاظ کان اهم رهيو آهي، جيڪو مڪليءَ کان 12 ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي ٺٽي کان ڪراچي ويندڙ روڊ تي واقع آهي. شھر جي ڏکڻ اولھه ۾ ڪجهه ٽڪريون آھن. ھن شھر تي نالي پوڻ جي حوالي سان الڳ الڳ روايتون آھن، هڪڙي روايت موجب سوين سال اڳ دريائي وهڪرن هئڻ ڪري هتي ’گج‘ گڏ ٿيندي هئي، جنھن ڪري ھن کي گجي سڏيو ويو. چارلس نيپيئر ھن کي کجين وارو ڳوٺ سڏيو آهي، ممڪن آهي ته هو ڦري گجو ٿيو هجي. اهو به معلوم ٿئي ٿو ته هن درياهه جي پاڻيءَ جي گهڻائيءَ جي هئڻ ڪري ڪُن يا گُج ٺھي چڪو هو، ان ڪري هن علائقي جو نالو ئي گجو پئجي ويو. انگريزن جي دؤر ۾ گهاري ۽ ٺٽي جي وچ ۾ هئڻ سبب ان جي اهميت رهي. ھن ڳوٺ کي سٺ واري ڏهاڪي ۾ يونين ڪائونسل جو درجو مليو. ھن شھر جي ڀرسان هڪ ٽڪريءَ جو نالو ’ٿرڙ ٻيڙي‘ آهي. ٻي ٽڪري ٿرڙو آهي، جنھن کي ڪي ماڻهو ’ٿرون‘ به ڪوٺيندا آهن. ڇاڪاڻ ته هڪ لوڪ روايت موجب هتي هڪ ننڍي راجا جو نالو ’ٿرون‘ هو. اتي ئي هن ٽڪريءَ جي اولھه ڀرسان، هڪ مقبرو شيخ تراب جو آهي، جتي ماڻهو زيارت لاءِ ايندا رهندا آهن. هتي ساليانو ميلو به لڳندو آهي. ڌرتي وديا ۽ سنڌوءَ جي تاريخ جي حوالي سان سمجهيو وڃي ٿو ته، ٿرڙي ٽڪريءَ تي گهڻو آڳاٽا يعني پٿر جي دؤر جي ماڻهوءَ جا آثار موجود آهن. تنھن کان پوءِ هتي ٻڌ ڌرم جو هڪ مندر به ڊٺل صورت ۾ آهي. ٽڪريءَ جي اوڀر ۾ هڪ قديم قلعي جا آثار چٽا ڏسڻ ۾ اچن ٿا، جنھن لاءِ تاريخدانن جو رايو آهي ته سڪندر جي سنڌ تي ڪاهه وقت هن ڪوٽ ۾ سڪندر جون فوجون رهيون هيون. ڪوٽ جي آثارن جي اولهه ۾ هڪ وڏي پٿر تي قديم لکت به موجود آهي.
شيخ ابو تراب جي قبر تي 71هه/788ع جو ڪتبو لڳل هو، جيڪو ائٽڪن اهو ڪتبو 1907ع ڌاري يا ان کان ڪجهه اڳ ڏٺو هو، هاڻي اهو ڪتبو گم آهي. ڪن روايتن موجب شيخ تراب، ترخانن جي ڏينھن ۾ هو (تحفة الڪرام ص: 532). ھن وقت هي شھر 10 هزارن کان وڌيڪ شھري آبادي رکندڙ آهي، زراعت ۽ مڇيءَ جي واپار جي حوالي سان خاص اهميت رکي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو