گُلان: شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام جي راڳيندڙ فقيرياڻي گلان جي شادي ڪلهوڙا دؤر جي نامور حاڪم ميان نور محمد ڪلهوڙي سان ٿي ۽ هي ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي والده هُئي. گلان پنھنجي دؤر جي مشھور ڳائڻي هئي ۽ هوءَ هر جمعي جي رات ڀٽ تي وڃي عقيدت وچان شاهه صاحب جون وايون ۽ ڪافيون ڳائيندي هئي، وايون ۽ ڪافيون ڳائيندي ڳائيندي، رقص به ڪندي هئي.
چيو وڃي ٿو ته گلان هر جمعي جي رات شاهه عبداللطيف وٽ وڃي سندس ڪلام ڳائيندي هئي. هڪ ڀيري ميان نور محمد ڪلهوڙي کي ٻڌايو ويو ته، شاهه عبداللطيف رحه جيڪو پاڻ کي عبادت گذار، متقي ۽ پرهيزگار پيو سڏائي، سو ڳائڻيون سڏائي راڳ پيو ٻڌي ۽ انھن جو ناچ پيو ڏسي. ميان نور محمد جا شاهه لطيف سان اختلاف هئا سو ھن هڪدم پنھنجا سپاهي موڪليا، جن گلان کي وٺي وڃي ميان نور محمد جي آڏو پيش ڪيو. ميان نور محمد گلان جي سونھن ڏسي سڀ ڪجهه وساري مٿس عاشق ٿي پيو ۽ تڪڙو ئي گلان جي رضامنديءَ سان ساڻس نڪاح ڪري کيس پنھنجي راڻيءَ جو درجو ڏنائين. جنھن کان پوءِ هي مائي گلان مان بيبي گلان سڏجڻ لڳي.
غلام شاهه جڏھن سنڌ جي تخت تي ويٺو تڏھن ھن شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ رحه جو روضو تعمير ڪرايو. جڏھن گلان سان ميان نور محمد خان ڪلھوڙي شادي ڪئي، تڏھن ان جي رهائش لاءِ هڪ ڪوٽ تعمير ٿيو هو، اهو ڪوٽ ضلعي مٽياريءَ جي تعلقي هالا ۾ آهي ۽ گلان ڪوٽ جي نالي سان مشھور آهي. هي ڪوٽ هالا شھر کان ٽي ڪلو ميٽر اتر پاسي آهي. ھن ڪوٽ کي گلان جو ڪوٽ سڏيو وڃي ٿو. گلان، ميان نور محمد خان ڪلهوڙي جي دؤر حڪومت ۾ سن 1158هه/1745ع ۾ وفات ڪئي. سندس قبر محمد آباد جي قبرستان، تعلقي موري ۾، ميان نور محمد خان ڪلهوڙي جي مقبري جي اتر- اولھه ڪنڊ تي هڪ تجر ۾ اندر آهي.