گُلي سدارنگاڻي

گُلي سدارنگاڻي: سنڌي ادب ۾ پھرين عورت ناول نگار، مترجم ۽ ايڊيٽر گُلي سدارنگاڻي، حيدرآباد جي هندن جي عامل گهراڻي ۾ رام ڪرپالاڻي جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس والد انجنيئر هو ۽ ڀاءُ ڪرشن ڪرپالاڻيءَ، ٽئگور جي ڏهٽيءَ مشھور ڊانسر ننديتا جو گهر وارو هو. گُلي، رام سدارنگاڻي سان شادي ڪرڻ کان پوءِ مڙس جي نسبت سان ’گُلي سدارنگاڻي‘ سڏائڻ لڳي. هُن انگريزيءَ ۾ ئي تعليم حاصل ڪئي هئي، کيس هندي، سنڌي، سنسڪرت، بنگاليءَ ۽ انگريزي ٻولين تي عبور هو. ھن لکڻ جي شروعات ٻاراڻي ادب کان ڪئي. ٻارن جي رسالي ’گلستان‘ جي ايڊيٽر رهي. ان وقت ’گُلي ڪرپالاڻيءَ‘ جي نالي سان لکندي هئي. پوءِ هن ’ڪماري ڪرپلاڻيءَ‘ جي نالي سان 1936ع ۾ ’جواهر لال نھروءَ جا ڌيءَ ڏانھن خط‘ انگريزيءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو ۽ ٽئگور جو ناول ’گورا‘ 1938ع ۾ ترجمو ڪيو. ان کان پوءِ منجهس پنھنجي ماءُ ٻوليءَ جو خيال جاڳيو، ان قومي جذبي تحت هُن هندو مسلم اتحاد جي موضوع تي پھريون طبعزاد ناول ’اتحاد‘ 1941ع ۾ لکيو. اهو ڪنھن به سنڌي عورت ليکڪا جو پھريون ناول هو. سندس اهو ناول گهڻو مشھور ٿيو ۽ مٿس پابندي پئي. هن پوءِ ٻھ ٻيا ناول ’ساڌنا جو سپنو‘ ۽ ’آخرين انقلاب‘ (1972ع) لکيا، جن کي به تمام گهڻي موٽ ملي. گلي 1986ع ۾ ديھانت ڪري وئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو