
گُلُ ڪُونڌَرُ
گُلُ ڪُونڌَرُ: گل ڪونڌر جو پورو نالو گل محمد ولد بشير احمد ڪونڌر آهي. سندس جنم 05 سيپٽمبر 1963ع تي ڳوٺ مڏ ڪونڌر لڳ خانواهڻ، ضلعي نوشھري فيروز ۾ ٿيو. سندس تعليم ايم. اي ايڪنامڪس، ايم ڪام ۽ ايل. ايل. بي آهي. هو مختلف ڪاليجن ۾ استاد رهيو ۽ آخر ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج اينڊ پوسٽ گريجوئيٽ سينٽر لطيف آباد حيدرآباد ۾، پرنسپل جي حيثيت سان رٽائر ٿيو. هن جُونِ 1994ع کان ادبي رِسالَي’ماهوار اَدبَ‘ جي اشاعت جو سلسلو شروع ڪيو، جيڪو ’اشاعت گهر'>ادب اشاعت گهر حيدرآباد‘ جي پليٽ فارم تان، مَئي 2006ع تائين جاري رهيو. جنھن جا 138 پرچا ’ماهوار اديب‘ جي نالي سان شايع ٿيا. هن رسالي طرفان 65 نامِوَر اديبن جا خاص نمبر ۽ ڪارنر شايع ڪيا ويا. پاڻ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري به رهي چڪو آهي. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد سان پڻ لاڳاپيل رهيو آهي. سندس ڪھاڻين جا ٽَي ڪِتابَ ’ڏُکَ سُکَنِ جِي سُونھن‘، ’سَندِي لارَ ماکِيءَ‘ ۽ ’مائِي مُجاوِرُ‘ ۽ شاعريءَ جا ٽي ڪتاب ’شَفَقَ جَي پارِ‘، ’تُنھنجَي آئَي پِرِين‘ ۽ ’سراب زندگي‘ ڇپيَلَ آھن. سندس ڪھاڻين جي ڪتاب ’مائي مجاور‘ جو صابر فياض اردوءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي.
1963.09.05 عيسوي
گل ڪونڌر جو پورو نالو گل محمد ولد بشير احمد ڪونڌر آهي. سندس جنم 05 سيپٽمبر 1963ع تي ڳوٺ مڏ ڪونڌر لڳ خانواهڻ، ضلعي نوشھري فيروز ۾ ٿيو.