گُهنين واري راند: هي راند ڏڙهي سان کيڏبي آهي. ميدان ۾ ٿوري ٿوري مفاصلي تي زمين ۾ ٿوري کڏ کوٽبي آهي، جنھن کي ’گُهني‘ چوندا آهن. پوءِ هر هڪ ٻار ڪاٺيءَ جا ٻه ٽوٽا يا بُگا کڻي پنھنجي گُهنِيءَ تي بيھندو، ڏڙو/ڏڙهو مٿي اُڇلائيندا، جنھن جي پاسي ڪِريو، ان تي آگ آئي. پوءِ هو پُڏيندو، يعني ڏڙو/ڏڙهو کڻي بيٺلن مان ڪنھن کي هڻندو، ته هو وري بُگا آڏا ڏيئي ڏڙي/ڏڙهي جي ڌڪ کان بچڻ جي ڪوشش ڪندو. جي ڏڙو لڳي ويو ته آگ آئي ۽ اهو وڃي پڏيندو، ۽ اڳيون وڃي پنھنجي گهنيءَ تي بيھندو، جي نه لڳو ته ڇُٽو، جي بُگن کي لڳي رنڊجي پيو ۽ ڀرسان ڪِريو ته ڏؤنٽيءَ سان ڏڙهي کي ڌڪ هڻي پري ڪڍندو يا گهنين مان بيٺلن مان جنھن جي به ويجهو ڪِريو، سو ڌڪ هڻندو. ڪي پنھنجي گهنيءَ کان پرڀرو وڃي ڌڪ هڻي يڪدم موٽي گهنيءَ تي ايندا آهن. انهيءَ وچ ۾ پُڏيندڙ ڊوڙ پائي هن جي گهنيءَ ۾ پنھنجو ڏوٽو وڌو ته چوندا ’گُهني ڀراڻي‘ ايئن ڪنھن کي ڏڙو لڳي يا ڪنھن جي گهني ڀرجي، تڏهن آگ لھي. هي راند ننڍا ٻار کيڏندا آهن.