
گُهنگهرو
گُهنگهرو (ڳھه): گُهنگهرو سون، چاندي يا لوهه وغيره جا ٺھيل هوندا آهن ۽ ڌاڳن ۾ سٺي نموني پوئي، سندن پٽو ٺاهي، کڙين مٿان ٽيڻن وٽ ٻڌبا آهن. جيڪي هلڻ مھل وڄندا آهن. گهنگهرو سينگار طور استعمال ٿيندا آهن. پرناڻي لاءِ استعمال ٿيندا آهن. ناچ ڪرڻ دوران پيرن يا چيلهه ۾ پڻ گهنگهرو ٻڌا ويندا آهن. ان کانسواءِ اٺن سميت مختلف جانورن کي سينگار لاءِ پڻ ڳچي يا پيرن ۾ گهنگهرو ٻڌا ويندا آهن.