گچيرو (شھر): گچيرو شھر، ضلعي نوشھري فيروز ۾، موري کان پنجن ميلن جي مفاصلي تي، اولھه ڏکڻ جي ڪنڊ تي سنڌو درياهه جي کاٻي ڪناري تي بچاءُ بند وٽ آباد آهي. ڪچي جي ايراضيءَ ۾ هئڻ ڪري ھن شھر تي ’ڪچيرو‘ نالو پيو، جيڪو اڳتي هلي ’ڪ‘ جو اکر ’گ‘ ۾ تبديل ٿيڻ سان گچيرو سڏجڻ لڳو. انگريزن جي دؤر ۾ به هي شھر ’ڪچيرو‘ سڏبو هو. انگريز دؤر جو هڪ ’ڪتبو‘ لڳل آهي، جنھن تي انگريزيءَ ۾ (Kachero) ’ڪچيرو‘ لکيل آهي. مغلن جي دؤر ۾ ’گچيري‘ کي سياسي ۽ فوجي لحاظ کان وڏي اهميت حاصل هئي ۽ هي شھر سيوهڻ سرڪار جي گورنر جي ماتحت هو. ٻگهيا ذات وارا ان دؤر ۾ گچيري جا جاگيردار هئا، جيڪي ’سميجن‘ جو هڪ پاڙو آھن