گڊو بئراج: هي بئراج سنڌ ۾، ڪشمور ضلعي جي ويجهو سنڌو درياهه تي واقع آهي. هي بئراج M.L Champhekar پاران 46_1945ع ڌاري ڊزائن ڪيو ويو. 1953ع ڌاري Sir T. W. Foy هن ڊزائين جو تفصيلي جائزو وٺڻ کانپوءِ، 1956ع ۾ ان جي تعمير جي حتمي منظوري ڏني. ‘سنڌو طاس معاهدي’ جي بنياد تي سنڌ ۽ بلوچستان جي آبپاشي سھولتن لاءِ ان وقت جي صدر پاڪستان اسڪندر مرزا 02 فيبروري 1957ع تي گڊو بئراج جي پيڙهه جو پٿر رکيو، جيڪو 474.8 ملين جي لاڳت سان مئي 1962ع ۾ ٺھي مڪمل ٿيو. بئراج جي اڏاوت جو ڪم واپڊا جي نگراني هيٺ ماهر انجينئرن انجام ڏنو، جنھن جو افتتاح 01 مارچ 1963ع تي فيلڊ مارشل محمد ايوب خان ڪيو. هن بئراج جي ڊسچارج ڊزائن 12 لک ڪيوسڪ آهي. 4445 فوٽ/1355 ميٽر ڊيگهه رکندڙ، هن بئراج تي 60 فوٽ ويڪرا 64 دروازا نصب ٿيل آهن. جيڪي 26 فوٽن تائين پاڻي کڻڻ جي صلاحيت رکن ٿا. هي بئراج سنڌ ۽ بلوچستان جي 2.9 ملين ايڪڙ زمين آباد ڪري سگهي ٿو. هي بئراج چاڙهه واري موسم ۾ درياهه جي طاقتور وهڪري کي منھن ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿو. بئراج تي سنڌ ۽ بلوچستان جي نصيرآباد ۽ جعفرآباد ضلعن جي جملي 30 لک ايڪڙ زمين آباد ٿئي ٿي. بئراج تي ست ميٽر ويڪرو روڊ پڻ ٺاهيو ويو آهي، جيڪو لاهور کان ڪوئيٽا ۽ رحيم يار خان تائين آسان رستو آهي.
هن بئراج مان ساڄي پاسي بيگاري سنڌ ڪئنال (بي. ايس. فيڊر) ۽ ڊيزرٽ پٽ فيڊر نڪرن ٿا. بيگاري ڪئنال تي سنڌ جي پنجن ضلعن: ڪشمور، شڪارپور، جيڪب آباد، قمبر- شھدادڪوٽ ۽ سکر ضلعي جي اٽڪل 10 لک ايڪڙ زمين آباد ٿئي ٿي. ڊيزرٽ پٽ فيڊر 25 ميلن تائين سنڌ ۽ 100 ميلن تائين بلوچستان مان وهي ٿو، جنھن تي بلوچستان جي نصيرآباد، اوستا محمد، جهٽ پٽ، جهل مگسي، ديرا مراد جمالي ۽ گنداواهه سميت ٻين ڪيترن ئي علائقن جي زمين آباد ٿئي ٿي. جڏهن ته کاٻي پاسي گهوٽڪي فيڊر ۽ ريڻي ڪئنال وهن ٿا.