
گڍي ڀٽ
گڍي ڀٽ (قديم آثار): مٺي شھر جي اولھه ۾ نظر ايندڙ ڀٽ کي ’گڍي ڀٽ‘ سڏيو وڃي ٿو. هيءَ زميني سطح کان 300 فوٽ اوچي آهي. گڍي ميرن جو جوڙايل هڪ قلعو آهي. هيءُ قلعو مير فتح علي خان ٽالپر 1795ع ۾ پڪين سرن سان ٺھرايو. جيڪو مورچي طور استعمال ٿيندو هو. ٿري لھجي ۾ قلعي کي گڍ سڏيو ويندو آهي. جيئن ته هيءُ قلعو ننڍو هو، ان ڪري ھن کي ’گڍي‘ سڏيو ويو، جيڪو 1844ع جي زلزلي ۾ ڊهي ويو، پر ڀٽ تي قلعي جا نشان باقي رهيا. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ 1975ع ۾ ھن ڀٽ جو معائنو ڪرڻ وقت ڄاڻايو ته: ”ٻاهران چوڌاري گنب ڀِت وارو ڪوٽ هو، جنھن کي اتر طرفان هڪ دروازو هو. ھن ڪوٽ جي ڊيگهه ٽي سؤ فوٽ ۽ ويڪر ڏيڍ سؤ فوٽ معلوم ٿي. ڪوٽ اندر ڏاکڻئين ڀاڱي ۾ چار ٿلها ٿنڀ هئا، جن جي مٿان چار ننڍيون توپون رکيل هيون، انهن چئني ٿنڀن جي وچ ۾ حوض هو، جنھن کي پاڻيءَ سان ڀريو ٿي ويو.“ 2001ع ڌاري ھن ڀٽ تي اڏاوت ڪري، سياحتي هنڌ بڻايو ويو. هن وقت گڍي ڀٽ تي ريسٽ هائوس، هوٽل، سوئمنگ پول، پارڪ، جم خانو ۽ ڪانفرنس هال ٺھيا آھن، جنھن ڪري هتي علمي ادبي ويھڪون به ٿين ٿيون. برساتن کان پوءِ ماڻهن جو وڏو انگ گڍي ڀٽ گهمڻ لاءِ پھچندو آهي.