گڏاپ: گڏاپ ٽائون جو گهڻو حصو ٻھراڙيءَ تي مشتمل آهي ۽ ايراضيءَ جي لحاظ کان هي ڪراچيءَ جو سڀ کان وڏو ٽائون آهي. هي علائقو پھرين ضلعي ڪائونسل ڪراچيءَ ۾ هو. ضلعي ڪائونسل ڪراچيءَ جي حدن ۾ 10 يونين ڪائونسل هيون، جن مان ست ملير ضلعي ۾، جن ۾ ابراهيم حيدري، لانڍي، درساڻو ڇنو، گڏاپ، ٿاڻو، ڪونڪر ۽ موئيدان هيون. باقي ٽي سونگل، منگهو پير ۽ گابو پٽ ضلعي اولھه ڪراچيءَ ۾ هيون. نئين جوڙجڪ ۾ ضلعي ڪائونسل ڪراچيءَ کي ختم ڪيو ويو. يونين ڪائونسلن جي نئين حد بندي ڪئي ويئي ۽ ڪراچيءَ کي 178 يونين ڪائونسلن ۽ 18 ٽائونن ۾ ورهايو ويو. گڏاپ ٽائون ۾ ٻھ يونين ڪائونسل گجهڙو ۽ معمار آباد جيڪي شھري حدن ۾ هيون، شامل ڪيون ويون آھن. باقي سموريون حدون اڳوڻي ضلعي ڪائونسل ڪراچيءَ مان ورتيون ويون آھن. گڏاپ ٽائون کي تاريخي حوالي سان وڏي حيثيت حاصل آهي. ان ٽائون ۾ ڪراچيءَ جي لاءِ جديد طريقي سان پيئڻ جي پاڻيءَ لاءِ جيڪي کوهه کوٽيا ويا هئا، تن کي ڊملوٽي ويلز چيو ويندو آهي ۽ انهن جو تعداد ٻارھن آهي. اهي سڀ جا سڀ گڏاپ ٽائون جي يونين ڪائونسل درساڻو ڇنو ۾ آھن. پھريون کوهه جنھن جو افتتاح 1928ع ۾ ڪيو ويو هو، سو اڃا تائين هلي رهيو آهي، باقي کوهه بند ٿي چڪا آھن. ڊملوٽيءَ جي علائقي ۾ بازار ندي ويجهو الھه ڏنو نالي قديم ماڳ تي پراڻن آثارن جا کنڊرات پڻ موجود آھن، جيڪي موھن جي دڙي واري دور کان اڳ جا آھن. کنڊرات جي کوٽائي 1974ع ۾ ڪئي وئي. انهن مان گهڻيون نادر شيون مليون، جن ۾ ٺڪريون، پٿر ۽ ٻيون ننڍيون ننڍيون شيون اچي وڃن ٿيون. هتي ڪجهه عمارتن جا آثار پڻ مليا آھن. گهرن کي هڪ ٻئي کان الڳ ڪرڻ جي لاءِ ننڍيون ننڍيون گھٽيون، گندي پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ پٿر جون ناليون ٺھيل مليون، غسل خاني ۾ ٺڪرين جي فرشبندي پڻ ٿيل ملي. هتان کان باهه ٻارڻ جي لاءِ آتشدان، مھرون ۽ ننڍا ننڍا مجسما پڻ مليا آھن. اهڙا ئي جھڙا تور ۽ ماپ جا وٽ ۽ مجسما موھن جي دڙي جي کوٽائيءَ مان مليا آھن. 2012ع ۾ هن ماڳ جي سروي ڪرائي وئي. 2024ع کان هن ماڳ جي کوٽائي ۽ تحقيق جو ڪم وري شروع ڪيو ويو آهي. ڊملوٽيءَ جي ڀرپاسي ۾ به ڪجهه جڳھن تي سنڌو تھذيب جا آثار مليا آھن.