گڏهه

گڏهه

گڏهه

گڏهه: گڏهه هڪ چوپايو جانور آهي. انگريزيءَ ۾ هن جانور کي ڊونڪي (Donkey)، اردو ۾ گدها ۽ سائنسي/ حياتياتي زبان ۾ Equus africanus asinus سڏيندا آهن. گڏهه پنھنجي مضبوط کُرن ۽ ڄنگهن سبب ڏکين علائقن ۾ ڳري بار کڻي وڃڻ جي صلاحيت رکي ٿو. هي جانور سفر جي لحاظ کان سخت هوندو آهي. ڪوهستان توڙي ريگستان جي ڏکين هنڌن تي به پھچي سگهندو آهي. انسائيڪلوپيڊيا برٽانيڪا موجب هي جانور 4000 قبل مسيح کان وٺي بار کڻڻ واري جانور طور پاليو پيو وڃي.
گڏهه جو سراسري قد 101.6 سينٽي ميٽر (40 انچ) ۽ وزن لڳ ڀڳ 250 ڪلوگرام (551 پائونڊ) ٿئي ٿو. جيتوڻيڪ مختلف جنسن ۾ قد ۽ وزن مختلف ٿئي ٿو. گڏهه اڇي کان ڀوراڻ رنگ مائل يا ڪارسري رنگ جو هوندو آهي. عام طور مٿي جي ٻُر کان پڇ تائين هڪ ڪارو پٽو ڪلهن ۽ ڳچي جي چوطرف ويڙهيل هوندو اٿس. ٻُر ننڍي ۽ سڌي هوندي اٿس. پڇ، ڳئون جي پُڇ جھڙو هوندو آهي. پڇ جي ڇيڙي ۾ ڊگها وار هوندا آهن. ڪن ڊگها، جن جا بنياد ۽ چوٽي ڪاراڻ مائل هوندي آهي. چيني ماڻهو (غير مسلمان) گڏهه جي گوشت کي خوراڪ طور پڻ واپرائيندا آهن. هي جانور سڄي دنيا ۾ عام طور چڙهي سفر ڪرڻ ۽ مال ڍوئڻ جي گهڻو ڪم اچي ٿو. گڏهه جو هڪ ٻيو نسل، جيڪو قد ۾ وڏو ۽ صورت ۾ ڪجهه مختلف ٿئي، تنھن کي خَچر سڏيندا آهن، جيڪو پڻ وزن ڍوئڻ جي ڪم ايندو آهي.


لفظ گڏههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو