گھرام فقير جتوئي

گھرام فقير جتوئي: سچل سرمست جو صحبتي ۽ شاعر گھرام فقير جتوئي، 1166ھہ/ 1753ع ۾ ڄائو. سندس پيءُ جو نالو فقير بخش علي هو. عربيءَ ۽ فارسيءَ جي تعليم پنھنجي والد بخش علي ۽ ملان فيض محمد کان حاصل ڪيائين. گھرام فقير سچل سائينءَ جو پيارو شاگرد، طالب ۽ سٺو صوفي شاعر هو. سندس شاعريءَ ۾ سچلرح جي شاعريءَ جو اثر نمايان نظر اچي ٿو. شاعريءَ ۾ تخلص ’اصغر‘ استعمال ڪندو هو. هن فقير وڏيءَ ڄمار ۾ 1262ھہ/1846ع ۾ وفات ڪئي، سندس آخري آرام گاھہ ڳوٺ خيري جتوئي، لڳ ٿرڙي هاشم، تعلقي وارھہ ۾ آهي.


لفظ گھرام فقير جتوئيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1753.00.00  عيسوي

گهرام فقير جتوئي ، 1166هه/ 1753ع ۾ ڄائو .


1846.00.00  عيسوي

گهرام فقير 1262هه/1846ع ۾ وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جوکيو محمد الياس
ڪريم بخش چنا
رضوي سيد محمد شريف
رياض خان استاد:
بخاري پير
ڌڻي بخش ميمڻ
شھداد فقير لانگاھہ
ڊنشا دستور
ڄام جکرو
چنا محمد عالم
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون