گھرام فقير جتوئي: سچل سرمست جو صحبتي ۽ شاعر گھرام فقير جتوئي، 1166ھہ/ 1753ع ۾ ڄائو. سندس پيءُ جو نالو فقير بخش علي هو. عربيءَ ۽ فارسيءَ جي تعليم پنھنجي والد بخش علي ۽ ملان فيض محمد کان حاصل ڪيائين. گھرام فقير سچل سائينءَ جو پيارو شاگرد، طالب ۽ سٺو صوفي شاعر هو. سندس شاعريءَ ۾ سچلرح جي شاعريءَ جو اثر نمايان نظر اچي ٿو. شاعريءَ ۾ تخلص ’اصغر‘ استعمال ڪندو هو. هن فقير وڏيءَ ڄمار ۾ 1262ھہ/1846ع ۾ وفات ڪئي، سندس آخري آرام گاھہ ڳوٺ خيري جتوئي، لڳ ٿرڙي هاشم، تعلقي وارھہ ۾ آهي.
1753.00.00 عيسوي
گهرام فقير جتوئي ، 1166هه/ 1753ع ۾ ڄائو .
1846.00.00 عيسوي
گهرام فقير 1262هه/1846ع ۾ وفات ڪئي