گھرام فقير زرداري

گھرام فقير زرداري : بزرگ گھرام فقير عرف نانگو فقير زرداري ٻانهي فقير زرداريءَ جو فرزند هو، سندس پاڙو جنگاڻي هو، کيس 6 پٽ ٿيا، پنھنجي وقت جو وڏو بزرگ ٿي گذريو آهي. سندس عقيدتمندن ۾ زرداري، خاصخيلي، چانڊيا، ميربحر، مهر، ڀٽا، ڏاهري ۽ ٻيا قبيلا شامل آهن، هن بزرگ جي درگاھہ ديھہ ڇھہ ماڙوي ڳوٺ گھرام فقير تعلقي سڪرنڊ ۾ درياھہ جي ڪپ تي واقع آهي. جتي هر مهيني تيرهين تاريخ تي ميڙاڪو ٿيندو آهي ۽ عقيدتمند حاضري اچي ڀريندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو