ڳاڙهو

ڳاڙهو (شھر) ضلعي ٺٽي، تعلقي گهوڙا ٻاريءَ جو هڪ اهم شھر آهي. پھريائين هي شھر هڪ ڳوٺ هو، جنھن کي ديوان ڳاڙهو مل 1850ع ڌاري ٻڌايو. تعلقي گهوڙا ٻاريءَ ۾ اهم حيثيت رکندڙ آبادي واري هن شھر کي ’ٽائون ڪاميٽي‘ جي حيثيت حاصل آهي. ڳاڙهي شھر لاءِ اهو به چيو وڃي ٿو ته خاصخيلين جي ڳاڙهاڻي پاڙي وارن هيءُ ڳوٺ آباد ڪيو هو. شھر جي آبادي 10 هزارن کان مٿي آهي. هي زرعي علائقو آهي، جنھن ۾ ساريون، ڪڻڪ، ڪمند ۽ ٻيا به ڪيترائي فصل ٿين ٿا. ڳاڙهي جو عام واپاري طبقو ٺٽي ۽ ڪراچيءَ سان لاڳاپيل رهيو آهي، ڳاڙهي لاءِ چوڻي مشھور آهي ”کارو ڦٽو، ڳاڙهو وَٺُو“ مطلب ته هن جي ڀر ۾ آباد شھر جيڪي سمنڊ کي ويجهو هئڻ تي ڦٽي ويا ته ان کان پوءِ هي ڳاڙهو آباد ٿيو.


لفظ ڳاڙهوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو