ڳاڙهو ڀڙو (سامارو): هي تاريخي ماڳ ساماري شھر ۽ روڊ جي وچ تي ۽ مين روڊ جي اتر پاسي آهي، جنھن کي ’ڳاڙهو ڀڙو‘ ڪوٺيو وڃي ٿو. هن ماڳ جي نسبت سان هن ايراضيءَ واري ديھه جو نالو پڻ ’ڳاڙهو ڀڙو‘ آهي. ڀڙي جي اوڀر طرف اٽڪل ٻن ميلن تي، ريلوي لائين جي اوڀر پاسي ’پراڻي ساماري‘ جا کنڊر آهن، جن کي ميين شاهه عنات رضوي ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح سارنگ جي سرن ۾ ڳايو آهي. ڳاڙهي ڀڙي کان اولھه طرف ’همير هور‘ ۽ ’سوڍا ٻوڙ‘ جا پٽ ۽ آثار مشھور آهن.