ڳاڱي

ڳاڱي (ڏٿ): ڳاڱي وارياسي ۽ جابلو علائقن ۾ گهڻي ٿئي ٿي. هن جي ڦل کي ڳاڱيون يا ڳاڱيٽيون چيو ويندو آهي، جنھن کي ٿر ۽ ڪوهستان جا ماڻهو نھايت چاهه سان کائيندا آهن. مِٺسِرو ذائقو رکندڙ هي وڻندڙ ميوو آهي. مينھن وسڻ کان پوءِ هي ٻوٽو سائو ٿي پوندو آهي. ننڍا ساوا پن نڪرندا آهن. هيڊسرا ننڍا گُل ٿيندا آهن، تڪڙو ئي گل ڇاڻي ٻيرن کان ننڍڙن گول سايون ڳڱيون ٿيڻ شروع ٿينديون آهن. ڳاڱيون اڃا ڪچيون ئي هونديون آهن ته ماڻهو پٽي ڀڳڙن وانگر پيا کائيندا آهن ۽ پچي ڳاڙهيون ٿيڻ کان پوءِ به کائيندا آهن. هن ٻوٽي کي چوپايو مال به کائيندو آهي.


لفظ ڳاڱيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو