ڳجهارت

ڳجهارت: ڳجهارت، ’سنڌي پروليءَ‘ جو هڪ قسم آهي، پر ڳجهارت پروليءَ کان ڳُوڙهي ٿيندي آهي. ڳجهارت فني ۽ معنوي لحاظ کان معياري ۽ نھايت ڳوڙهو فن آهي. پروليءَ جو بنياد تشبيھه ۽ استعاري تي آهي، جڏهن ته ڳجهارت جو مدار تجنيس ۽ تلميح تي آهي. فطرت جو مطالعو، ماحول جي ڄاڻ، شين جي واقفيت ۽ نُڪتن جي پروڙ، پروليءَ جي پسمنظر جا خاص موضوع آهن، پر ڳجهارت جي پرک پروڙ لاءِ زندگيءَ جي مختلف شعبن: سماجي رسمن رواجن، عام قصن ڪهاڻين ۽ خاص داستانن جي ٽاڻن ۽ اهڃاڻن جو علم اهڙي ريت سنڌي لغت جي گوناگون لفظن ۽ محاورن جي واقفيت ۽ انسانن جي باهمي رشتي جي مختلف مرحلن تي رٿن، ارادن، خوشين، معيارن، ڏکن ۽ ڏوراپن جي ڄاڻ پڻ ضروري آهي. پروليءَ کي پروڙڻ لاءِ ذهن جي تيزي ڪافي آهي، پر ڳجهارت کي ڳولڻ لاءِ ذهني تيزي ۽ حافظي سان گڏ سوچ ۽ دانائيءَ جي ضرورت آهي. ڳجهارت جي ڏي وٺ رڳو ريجهه رهاڻ ۽ وندر ورونهن ناهي، پر ادب ۽ ثقافت، لغت ۽ حڪمت جي ڳوڙهي رهاڻ آهي.
’ڳجهارت‘ لفظ ٻن لفظن جو ميڙ آهي: ’ڳجهه‘، معنيٰ راز يا لڪل ڳالهه ۽ ’ارٿ‘ معنيٰ مطلب. يعني: ’لڪل مطلب‘. هڪ راءِ آهي ته ’ڳجهارت‘ لفظ هندي ’بجهارت‘ يا ’بجهول‘ مان سنڌيءَ ۾ رائج ٿيو. هنديءَ ۾ ڳجهارت جي معنيٰ آهي: حساب ڪتاب صاف ڪرڻ. البت بجهول جي معنيٰ ’پرولي ڀڃڻ‘ يا ڳولڻ آهي. البته سنڌيءَ ۾ ڳجهارت لفظ جو ٻوجهه (سمجهه) يا ٻجهڻ (سمجهڻ) يا پروڙڻ جي معنيٰ ۾ آڳاٽي وقت کان رائج ٿيو ۽ آخرڪار ڳجهه، راز يا مام (پروڙڻ) جي معنيٰ ۾ استعمال ٿيو. ڇو ته ٻجهارت لفظ سنڌيءَ ۾ به ساڳي معنيٰ ۾ ڪتب اچي ٿو.
شاهه لطيف پڻ لفظ ٻجهارت ان معنيٰ ۾ ڪم آندو آهي:
ٻولي ’ٻجهارت‘، جوڳيان سندي ذات جي،
ڏورڻ گـهـڻـو ڏاکــڙو، هـلـڻ ۾ حـيـرت،
عـجـب عـبـارت، پھه پــروڙڻ اُن جو.

(سُر رامڪلي)
لفظ ٻجهارت، جڏهن ڳجهه، راز يا مام جي معنيٰ ۾ سنڌيءَ ۾ رائج ٿيو ته غالباً عوام ۾ پڻ ’ڳجهه‘ لفظ مان، ’ٻجهارت‘ سان ٺھڪندڙ لفظ ’ڳجهارت‘ عام ٿيو. ڳجهارت جي فن جو ابتدائي دور سومرن جو دور چيو وڃي ٿو. ڳجهارت جا عام طور ٻه قسم آهن.
(i) سُريلي ڳجهارت: هن ۾ مختلف سُر ۽ لوڪ داستان سمايل هوندا آهن.
(ii) بي سُري ڳجهارت: جنھن ۾ سُرن جي پابندي نه هوندي آهي.
ڳجهارت ڏيڻ ۽ ڀڃڻ هڪ دلچسپ مشغلو آهي. ڪچھريءَ ۾ ڳجهارت ڏيڻ وارو وڏي واڪي چوندو ’اچي ٿي!‘ ۽ ٻيا چوندا ’ڀلي اچي‘! پوءِ ڀڃڻ وارو سگهڙ انھيءَ شيءِ سان ٺھڪندڙ ڪيترائي نالا يڪساهي کڻندو ته ٻڌندڙ حيران ٿي ويندا ۽ جڏهن ڳجهارت اڌ کان وڌيڪ اشاري سان ڀڄي پوندي ته هوڪرا پئجي ويندا، ڳجهارت ڏيندڙ چوندو ته ’وئي سائين وئي!‘ جيڪڏهن اڃا نه ڀڳي يا غلط جواب هوندو ته ڳجهارت ڏيندڙ چوندو ويندو ’بچي‘، ’اڃا بچي!‘
ڳجهارت جي ڳجهه وارن لفظن کي بَندُ، سَنڌُ، ٺپو يا پاوا چيو ويندو آهي، جن ۾ ڪيتريون ئي شيون شامل هونديون آهن. جھڙوڪ: نالا (نالا: مرد، نرنان: عورت)، ذاتيون، شھر، هنر، اوزار، هٿيار، زيور، ڪپڙا (ڪپڙو، ڪپڙ، ڪپڙي جي، ڪپڙي جو)، ڪپھه، ڪاٺ، ڪک، اکر، ميوا، پوکون، گاهه، ڏٿ، وڻ ٻوٽا، جبل، باهه، مٽي، پکي، جانور، واءُ، مينھن، جايون، حالتون ۽ خاصيتون وغيره شامل آهن. پائو يا بند، مذڪر ۽ مؤنث جي حوالي سان ڀڃبو.
(i) سُرائتي ڳجهارت جو مثال:
لوهه جي ليلان، رڇ چنيسر.
ڀڃڻي: (لوهه جي: ڪئنچي، رڇ: مَٽُ)
ڪنھن چيئي ليلان، ته مٽ چنيسر
هتي ڪنھن چيئي جي لڪ ڪئنچي ۾ ڪئي وئي آهي
(iii) بي سري ڳجهارت جو مثال:
سٽ جو ڇنو، ڪاٺ جو لڙيو، حاڪيماڻي جو الله
ڀڃڻي: (سُٽ جو: تنگ، ڪاٺ جو: هنو، حاڪيماڻو: سوار)
تنگ ڇِنو، هنو لڙيو، سوار جو الله!
ڊاڪٽر بلوچ، لوڪ ادب اسڪيم هيٺ ڳجهارتون سھيڙي ”ڳجهارتون“ عنوان سان سنڌي ادبي بورڊ پاران اهم ڪتاب ڇپايو. اهڙي طرح هند جي سنڌي عالم ڊاڪٽر پرسي گدواڻيءَ ڳجهارت/ ٻجهارت ڪتاب ڇپايو آهي


لفظ ڳجهارتھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو