ڳنڀير ذات

ڳنڀير (ذات): سمن ۽ ملاحن جو هڪ پاڙو ’ڳنڀير‘ سڏجي ٿو. هن ذات جا ماڻهو تعلقي ٺٽي، سجاول، سيوهڻ ۽ ٽنڊي محمد خان ۾ رهن ٿا. روايتن موجب انڙ بن سمي کي 28 پٽ هئا، جن مان هڪڙي پٽ جو نالو ’ڳنڀير‘ هو، جنھن جي اولاد پاڻ کي ’ڳنڀير‘ سڏايو. شجري موجب: ڳنڀير پٽ انڙ پٽ سمون پٽ رائيڏنو (رائيڌڻ) بن ڪاڪو بن سمون بن لاکو بن انڙ بن ڄام لاکو. هڪ ٻئي حوالي موجب، ڪلهور جي راجا (راجپوت) پھار چند جي هڪ پٽ جو نالو ’ڳنڀير چند‘ هو، جنھن جي اولاد پاڻ کي ڳنڀير سڏايو ۽ سندن هڪ ڪيڙ تي’چنديا‘ نالو پيو. هن ذات جا ماڻهو هندستان ۾ به آباد آهن، منجهانئن ڪرڪيٽ جو هڪ رانديگر ’گوتم ڳنڀير‘ آهي. سنڌ ۾ ٽنڊي محمد خان جي ڳوٺ ٽکڙ ۾ ٺٽي جي علائقي ۾ڳنڀير ذات وارا آهن.


لفظ ڳنڀير ذاتھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو