ڳهڻ: هي مڇي ڦاسائڻ لاءِ ڪتب ايندڙ ڄار جو هڪ قسم آهي، جيڪو وهندڙ ڍنڍ جي پاڻيءَ ۾ لڳايو ويندو آهي، جيڪو پنج يا ڇھه فوٽ جو ٿيندو آهي. ملاح پاڻيءَ ۾ وڏيون ٿوڻيون هڻي پيھي ٺاهيندا آهن، پوءِ ان تي ويھي هي ڄار پاڻيءَ ۾ ڇڏيندا آهن. جڏهن مڇي ڳھڻ ۾ ايندي ته ان کي مٿي ڇڪي، ان مان مڇي ٻاهر ڪڍي کڻي پيھي تي رکندا.