ڳوراهو

ڳوراهو (ذات): سنڌ ۾ هن قبيلي جا ماڻهو، ضلعي نوشھري فيروز جي ’حاجي خدا بخش اسراڻ ڳوٺ‘ ۽ ’ٺٽ ڳوراهو‘ ۾ آباد آهن. سِري سان تعلق سبب سرائڪي ڳالهائين. پنجاب ۾ هيءُ قبيلو ’ڳوراها‘ ۽ ’گورايا‘ سڏجي. پنجاب جا ’گورايا‘ پنھنجو نسب ’سِکن‘ سان ڳنڍين ٿا. ذاتين جي انسائيڪلوپيڊيا ۾ ’ڳوراهن‘ کي ملاح لکيو ويو آهي پر تاريخ جي ڪتابن ۾ ان جو ڪو مستند حوالو نٿو ملي.


لفظ ڳوراهوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو