ڳوٺ ٺلھ (ماڳ): ڳوٺ ٺلھه، جوهي کان 15 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي ڏکڻ اولھه ۾ ڪاڇي جي علائقي ۾ آهي. اڄڪلهه اهو ڳوٺ گولو فقير رودناڻيءَ جي نالي سان سڏجي ٿو. هن ٺلھه جي اوچائي لڳ ڀڳ 50 کان 60 فوٽ آهي. اڏاوت ۾ پٿر ڪم آندو ويو آهي ۽ پوءِ چؤڦير چيڪي مٽي، چوٽيءَ تائين ڪم آيل آهي. چيڪي مٽيءَ جي اندران چوٽيءَ تائين پڪين سرن جي مينار وانگر اڏاوت ڪيل آهي. ٺلھه جي چوٽي اٽڪل 5-6 فوٽ ويڪري آهي. ٽڪريءَ کان چوٽيءَ تائين پھچڻ لاءِ ٺلھه جي ڏکڻ طرف ٻه فوٽ ويڪري چاڙهي پڻ تعمير ٿيل هئي، جيڪا هاڻي ڊهي چڪي آهي. هتي ڪجهه رهائشي اڏاوتن جا آثار به هئا، جيڪي هاڻي ختم ٿي ويا آهن.