
ڳيرو
ڳيرو (پکي): هن پکيءَ جو حياتياتي نالو Streptopelia decaocto ۽ انگريزي نالو Collared Dover or (Indian Ring Dove) آهي. 30 سينٽي ميٽر ڊيگهه اٿس. سڄي سنڌ بلڪ هند ۽ چين کان يورپ تائين عام پکي آهي. ’گُگُهو! گُگُهو!‘ ڪري ٻوليندو آهي، جنھن کي ’ڳيري جي ڳٽڪار‘ چيو ويندو آهي. هي پکي ٽولين جي صورت ۾ يا اڪيلو نظر ايندو آهي. نَر مادي هڪجھڙا ٿين ٿا. چھنب ڪاري ۽ پير ڳاڙها ٿيندا آهن. هن ڳيري جو رنگ ناسي سرمائي ڀورو ٿئي ٿو پرن جو پويون حصو ڪي قدر ڪارڙو، ڪنڌ تي ڪاري رنگ جو اڌ ڳانو ٿئي ٿو. البت نابالغ ڳيري کي ڳانو ڪو نه ٿئي. کليل وڻڪار جي ميدان، کيتن ۾ ڏسجي ٿو. جهنگلي ٻج، اَن ۽ چوپائي مال جو کاڌو کائي ٿو. جنھن مھل اڏامندو آهي ته پرن ۽ پڇ هيٺان اڇا ڪارا کنڀ ظاهر ٿيندا آهن. ڪاٺڙين جو آکيرو ٺاهي رهائش ڪري ٿو.