ڳيريلو

ڳيريلو (شھر): چانڊڪا پرڳڻي جو هي شھر ڳيريلو، ضلعي لاڙڪاڻي ۽ تعلقي باقراڻي ۾ رائيس ڪئنال مان نڪتل ارٿر واهه جي ساڄي ڪپ تي آباد آهي، شھري آبادي ڏهه کان 15 هزار آهي ۽ آسپاس ڪيترا ئي ڳوٺ آباد آهن، هيءُ ڳوٺ تيرهين صديءَ ڌاري آباد ٿيو هوندو. ڇاڪاڻ جو هتي جيڪي معرڪا ٿيا آهن، اهي گهڻا آڳاٽا ٻڌايا وڃن ٿا. ’تحفته الڪرام‘ ۾ آهي ته، چانڊڪا پرڳڻي تي ميان سرفراز ڪلهوڙي جي حڪومت هئي، جڏهن ميان سرفراز هي جھان ڇڏيو ته پڳ سندس پُٽ ميان دائود کي ٻڌائي وئي، شڪارپور جي پٺاڻن ڏٺو ته هي ننڍو ڇوڪرو آهي، سو موقعي جو فائدو وٺي چانڊڪا پرڳڻي کي پنھنجي قبضي ۾ ڪجي ۽ هو جنگ لاءِ تيار ٿيا، ويڙهه هلي ته سماٽ جا سڄا راڄ ڪلهوڙن سان ساٿي ٿي بيٺا ۽ ٻنهي ڌرين جي ڳيريلي وٽ ويڙهه ٿي، انھي ويڙهه ۾ پٺاڻن کي بري طرح شڪست نصيب ٿي ۽ پٺاڻ وٺي ڀڳا. هيءَ ويڙهه 1689ع ۾ ٿي هئي.ڳيريلي ۾ ٻي ويڙهه 1730ع ڌاري ابڙن ۽ ڪلهوڙن جي وچ ۾ ٿي هئي. -1750ع ڌاري سردار جلال خان ڪمارئي (ابڙي) پنھنجي ڀائٽي ۽ ان جنگ ۾ شھيد ٿيل پنھنجي فوج جي سپھه سالار شھيد دريا خان جي قبر تي قبو اڏايو. اهڙيءَ طرح هي ڳوٺ مان شھر بڻيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو