ڳڙهي ياسين (شھر): ضلعي شڪارپور جو هڪ شھر ۽ تعلقو آهي. شھر جو بنياد ارڙهين صدي عيسويءَ ۾ ياسين خان نالي شخص رکيو. هي پھرين سکر ضلعي جو تعلقو هو. 1977ع ۾ شڪارپور کي ضلعي جي حيثيت ڏني وئي ته هي تعلقو شڪارپور ۾ شامل ڪيو ويو. هي شھر شڪارپور شھر کان پندرهن ڪلو ميٽر جي پنڌ تي اولھه طرف واقع آهي. هي شھر لاڙڪاڻي ۽ ڪنڌڪوٽ سان روڊ ذريعي ڳنڍيل آهي.