’خاڪ‘ در محمد ڪانڌلوي

’خاڪ‘ در محمد ڪانڌلوي

’خاڪ‘ در محمد ڪانڌلوي

’خاڪ‘ در محمد ڪانڌلوي: مشھور عالم ۽ شاعر مولوي در محمد ’خاڪ‘ ڪانڌلويءَ 12 ربيع اول 1312ھہ/ 14 سيپٽمبر 1894ع ڌاري ڪانڌڙا، (ضلعي لاڙڪاڻي) هاڻي قنبر شھداد ڪوٽ ۾ جنم ورتو. سندس خاندان مان ڪيترا بزرگ ٿي گذريا آهن، جن مان شاھہ احمد نالي هڪ بزرگ تغلق بادشاھہ سان گڏجي سنڌ ۾ آيو هو ۽ نصير آباد، ضلعي قنبر شھداد ڪوٽ ۾ اچي سڪونت اختيار ڪيائين ۽ هن ئي ڪانڌڙا ڳوٺ جو بنياد رکيو هو. مولانا در محمد بھترين شاعر هو. شاعريءَ ۾ پهرين ’خطائي‘ ۽ پوءِ ’خاڪ‘ تخلص ڪم آڻيندو هو. مولانا در محمد ’خاڪ‘ شاعر هئڻ سان گڏ ناميارو ليکڪ ۽ فتوا نويس بہ هو. تصوف جي شـرح ۽ فتويٰ تي ڪيترا ڪتاب لکيائين. سندس ڪتابن ۾ حـضـرت شاھہ عبدالطيف ڀٽائيءَ جي صوفياڻي شرح ’خزانة العارفين‘ نهايت مـقـبـول آهـي. مـولانـا صـاحب انـجمن همدرد نصيرآباد ۽ نزم لطيف نصيرآباد جو صدر پڻ رهيو. هن پنهنجو وقت اڪثر زهد ۽ تقوى ۾ گذاريو. سندس شاعري نعت، ڪافين، غزلن، ۽ نظم جي صنف تي آڌاريل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1894.09.14  عيسوي

مشهور عالم ۽ شاعر مولوي در محمد ’خاڪ‘ ڪانڌلويءَ 12 ربيع اول 1312هه/ 14 سيپٽمبر 1894ع ڌاري ڪانڌڙا، (ضلعي لاڙڪاڻي) هاڻي قنبر شهداد ڪوٽ ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شازيه عطا مري
اعجاز علي خواجہ
حاڪم علي زرداري
جعفر خواجو
علي شير شيدي
ابوالفضل
اسد سڪندر ملڪ
ابوالفضل بن طاھر ٺٽوي
لياقت عزيز سولنگي پروفيسر
مير محمد نورنگي جاگيراڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون