ﷲ ڦهائي

ﷲ ڦهائي: هي ديھہ جو نالو آهي، جيڪا ڪراچيءَ ۾ آهي. ناردرن باءِ پاس سان گڏ حب ڏانهن لياريءَ کان اڳ ساڄي هٿ تي هن ديھہ جون حدون شروع ٿين ٿيون. هن جون حدون لياري نديءَ تائين آهن ۽ کار، کٻڙ لڪ ڏانهن ويندي مراد بروهي ڳوٺ تائين آهن. هن ديھہ جا گهڻي ڀاڱي ماڻهو مالوند آهن، انهن جو زراعت سان گهڻو تعلق آهي پر پاڻي گهٽ هئڻ ڪري هتي باراني طريقي سان زمين آباد ڪئي ويندي آهي. هن ديھہ جو نالو موکيءَ (موکيءَ ۽ متارن واري تمثيلي داستان واري) جي ڀيڻ ”ﷲ ڦهائي“ جي نالي پويان رکيل آهي.


لفظ ﷲ ڦهائيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو