آخوند عبدالرحمان ڀٽي، سيتائي: آخوند عبدالرحمان ڀٽي ولد آخوند مولانا ڇُٽي ڀٽيءَ، سال 1272ھہ/ 1855ع ۾ سيتا ننڍي، تعلقي دادوءَ ۾ جنم ورتو. پنھنجي والد بزرگوار کان علم جي تحصيل ڪيائين. اسلامي علمن ۾ ماهر بڻيو ۽ عربي فارسيءَ تي عبور حاصل ڪيائين. فقہ حديث ۽ تفسير ۾ ڳچ شاگرد پيدا ڪيائين. سٺو خوش نويس ۽ خطاط هو، سندس ڇڏيل ترڪي مان هڪ ڪتابچو سندس هٿ اکرين لکيل مليو آهي، جنهن ۾ هن ’محمود نامہ‘ لکيو آهي. هيءُ ننڍڙو فارسي قلمي مسودو ڪاري مس سان لکيل آهي، جڏهن تہ فارسي لفظن جي معنيٰ بہ فارسيءَ ۾ لکي اٿس. جنهن لاءِ ڳاڙهي مس استعمال ڪئي اٿس. هن ڪتابچي جو پهريون پنو يعني پهريون غزل گردش زمانه سبب گم ٿيل آهي، باقي سمورا غزل سلامت آهن، آخر ۾ هيٺيان لفظ لکي، اهو ڪتابچو پورو ڪيو اٿس: ”تمام شد ازدست پر تقصير مسڪين عبدالرحمان الاهي هر آنکس کھ آنخط نوشت گناهش کني عفو، بخشي بھشت.“ آخوند خاندان جو هيءُ عظيم فرزند 56 سالن جي ڄمار ۾ سال 1329ھہ/ 1911ع ۾ رحلت ڪري ويو. کانئس پوءِ سندس ڀاءُ آخوند مولانا ﷲ بخش ڀٽيءَ مڪتب هلايو.