سيتائي، آخوند محمد دائود ڀٽي
آخوند محمد دائود ڀٽي سيتائي:آخوند محمد دائود ڀٽي سيتائي'> آخوند محمد دائود ڀٽي سيتائي ولد آخوند ڇٽو ڀٽي سيتائي سنڌ جي قديم تاريخي، علمي ۽ ادبي ڳوٺ سيتا ضلعي دادوءَ ۾ سال 1304هه/ 1886ع ۾ جنم ورتو. هن عربي ۽ فارسي جي تعليم پنهنجي بزرگ ڀاءُ آخوند محمد صالح ڀٽي سيتائيءَکان حاصل ڪئي. پنهنجي ڀاءُ جي رحلت بعد ساڳئي مدرسي ۾ معلم ۽ مدرس جون ذميواريون سرانجام ڏنيون. ان کان سواءِ ڳوٺ جي پاڙي واري مسجد ۾ پيش امام به رهيو. آخوند صاحب بهترين مدرس، خطيب، خطاط ۽ فارسي زبان جو شاعر هو. مولانا روميءَ جا ڪيترا فارسي شعر کيس ياد هوندا هئا. وٽانئس جن علمي فيض حاصل ڪيو، تن ۾ ملا محمد، ڌڻي بخش چنو، محمد ڇُٽل ڀٽي، احمد خان سيال، ڊاڪٽر غلام قادر چنو، ماستر نبي بخش ڀٽي، محمد بخش چنو، بشير سيتائي ۽ ٻيا ڪيترائي طالب علم ۽ نياڻيون شامل آهن. سندس وقت جي وڏن عالمن مولوي احمد ملاح، مولوي عبدالله چانڊيي، مولوي عبدالغفور ۽ ٻين سان علمي دوستي هوندي هئي. آخـوند محمد دائـود ڀٽـي مهمان نواز، اهلِ علم ۽ اهلِ دل انـسـان هـو. سندس مدرسي ۽ اوطاق ۾ عالمن ۽ اڪابرن جي اچ وڃ رهـندي هئي. آخوند صاحب 1393هه/1973ع ۾ رحلت ڪئي. سندس آخري آرامگاهه قديم قبرستان دارا شاهه ۾ آهي.