رند رئيس الهڏتو

رند رئيس الهڏتو

الھڏتو رند رئيس

الھڏتو رند، رئيس: سماجي ۽ سياسي شخصيت رئيس الھڏتي رند ولد ميهر علي ڳوٺ محب علي رند، تعلقي هالا ۾ 3 جون 1942ع تي جنم ورتو. ٽن سالن جي عمر ۾ والد جي وفات کانپوءِ سندس چاچي محمد ابراهيم سندس پالنا ڪئي. جڏهن ڪجهہ وڏو ٿيو تہ پرائمري تعليم لاءِ علائقي جي پرائمري اسڪول ۾ داخلا ورتائين. سنڌي فائنل کانپوءِ مئٽرڪ سٺن نمبرن ۾ پاس ڪري، علائقي جو پهريون مئٽرڪ پاس ڪندڙ شخص بڻجي ويو. ميٽرڪ جي تعليم کان پوءِ هالا جي ڪاليج ۾ وڌيڪ تعليم حاصل ڪيائين ۽ سماجي ڪمن ۾ حصو وٺي ڳوٺاڻن جي قانوني مسئلن حل ڪرڻ ۾ مدد ڪندو رهيو. 1976ع ۾ پنھنجي اباڻي ٻني آباد ڪيائين ۽ قانوني مسئلن کي منهن ڏيڻ سان گڏ سٺي زميندار جي حيثيت سان علائقي ۾ سرگرم رهيو. 1986ع ڌاري ڳوٺ ۾ بجلي ورتائين، 1994ع ۾ ڳوٺ ۾ دڪانن جي مارڪيٽ ٺهرائي، هڪ چوڪ جو بنياد وڌائين، جيڪو ’مقصودي رند‘ جو هڪ وڏو ڪاروباري مرڪز آهي، هن چوڪ جي آباد ٿيڻ ڪري ڪيترن ماڻهن کي روزگار جا موقعا مليا. رئيس الھڏتي رند ادبي سرگرمين ۾ بہ حصو ورتو. شاعري ڪرڻ سان گڏ سلطان فقير بابت معلومات شايع ڪرايائين. هن هر دلعزيز انسان طويل علالت بعد 22 نومبر 2005ع ۾ وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاھہ سندس اباڻي قبرستان ’گهنور فقير رند‘ ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1942.06.03  عيسوي

سماجي ۽ سياسي شخصيت رئيس الهڏتي رند ولد ميهر علي ڳوٺ محب علي رند، تعلقي هالا ۾ 3 جون 1942ع تي جنم ورتو.194


2005.11.22  عيسوي

رئيس الهڏتي رند طويل علالت بعد 22 نومبر 2005ع ۾ وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاهه سندس اباڻي قبرستان ’گهنور فقير رند‘ ۾ آهي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اسراڻ غلام محمد خانبهادر
الڪندي
ڀڳت تيرٿ گر
حمر شيخ
نظير احمد چارڻ ڊاڪٽر
ابڙو اگهام
آشا چاند
درويش علي
روپلو ڪولهي
يارو فقيرريڍار
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون