امام علي سومرو

امام علي سومرو : نامور تعليمي ماهر ۽ فرض شناس آفيسر، انجنيئر امام علي سومري، 14 فيبروري 1937ع ڌاري ٺارو شاھہ شھر ۾، عبدالله سومري جي گهر ۾ جنم ورتو. هن ابتدائي تعليم پرائمري اسڪول ٺارو شاھہ ۽ سيڪنڊري تعليم هاءِ اسڪول ٺارو شاھہ مان حاصل ڪئي. ننڍپڻ کان ئي ذهين هو، پرائمري کان فرسٽ ايئر تائين پوزيشن کنيائين. هن جي ننڍپڻ کان تعليم ۽ تربيت والد صاحب جي هٿ هيٺ ٿي، پر بدقسمتيءَ سان انٽر جي پڙهائيءَ دوران سندس والد جي وفات ٿي، جنهن سندس زندگيءَ تي منفي اثر ڇڏيا ۽ انهيءَ عرصي دوران مالي وسيلن جي اڻهوند سبب سخت پريشانيءَ واري حالت ۾ رهيو. پر پوءِ ٺارو شاھہ جو سماج سڌارڪ ڊاڪٽر قادري سندس ڀرجهلو ٿيو ۽ سندس ماهوار وظيفو مقرر ڪيائين. ان کان سواءِ ڪنڊياري جو هر دلعزيز شخص شاهنواز پيرزادو بہ ذهين شاگردن کي اسڪالرشپ ڏئي پڙهائيندو هو، جنهن پڻ امام عليءَ جو ماهوار 25 روپيا وظيفو مقرر ڪيو، جيڪو 1953ع کان 1955ع تائين کيس ملندو رهيو. هن انٽر جو امتحان ڊگري ڪاليج ڪاري موري حيدرآباد مان امتيازي نمبرن سان پاس ڪيو. سول انجنيئرنگ ۾ گرئجوئيشن جي ڊگري اين.اي.ڊي يونيورسٽي ڪراچيءَ مان حاصل ڪيائين. امام علي بي. اي ڪرڻ کانپوءِ آبپاشي کاتي ۾ ڊرافٽسمين مقرر ٿيو. جتي ٿوري عرصي ۾ نوڪري تان استعيفا ڏئي ڇڏيائين. ان بعد روڊس کاتي ۾ انجنيئر مقرر ٿيو، جتي ڪافي عرصو خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو. ان دوران پي.آءِ.اي ۾ انجنيئر طور ڀرتي ٿيو. سندس پهرين پوسٽنگ ڍاڪا يعني اوڀر پاڪستان ۾ ٿي، جتي هڪ سال رهيو. بعد ۾ ڪراچي بدلي ڪرائڻ جي ڪوشش ڪيائين، پر بدلي نہ ٿيس، جنهنڪري استعيفا ڏئي ڇڏيائين. ان بعد سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ اسسٽنٽ انجنيئر رهيو، جتان پوءِ ٽيڪنيڪل ڪاليج ڪراچيءَ ۾ هيڊ آف ڊپارٽمنٽ ٿي رهيو. سندس زندگيءَ جو هي عرصو نهايت شاندار ۽ مانائتو رهيو. پڙهائڻ واري عمل ۾ هڪ مثالي استاد جي حيثيت ۾ پاڻ مڃايائين ۽ شاگردن جي دلين ۾ پنھنجي لاءِ جاءِ ٺاهيائين، جنهن کانپوءِ ٽيڪنيڪل ڪاليج خيرپور جو پرنسپال مقرر ٿيو. سندس هي عرصو بہ شاندار رهيو. جنهنڪري خيرپور جا ماڻهو اڄ بہ کيس سٺن لفظن ۾ ياد ڪن ٿا. هن اداري ۾ اڪثريت پنجاب جي شاگردن جي هئي. هن محسوس ڪيو تہ سنڌ جي شاگردن جي حق تلفي ٿي رهي آهي، ان جي ازالي لاءِ هن ٻھراڙيءَ جي ڪوٽا موجب سنڌ جي شاگردن کي ترجيحي بنيادن تي داخلا ڏني. ان کان پوءِ هو سويڊش انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي ڪراچيءَ (لانڍيءَ) ۾ ڊائريڪٽر ٿيو. بعد ۾ ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن سنڌ جو ڊائريڪٽر مقرر ٿيو. هن دور ۾ سندس محنت ۽ جاکوڙ سبب سنڌ ۾ ڪيترا مونو ٽيڪنيڪل ڪاليج کليا ۽ ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن ڪافي ترقي ڪئي، جنهن جو مثال هي آهي تہ هن سنڌي فونٽس سان ٽائيپ رائيٽر متعارف ڪرايا. هن پنھنجي سروس دوران ايشين ڊولپمنٽ بئنڪ طرفان ڪافي ملڪن جا دورا ڪيا ۽ پاڪستان جي نمائندگي ڪندي دنيا جي ملڪن ۾ چٽو موقف رکيائين. اهڙيءَ طرح هن اعلى آدرشي انسان 14 فبروري 1997ع تي پنھنجي حياتيءَ جا 60 سال پورا ڪري رٽائرمنٽ ورتي ۽ ترت فالج سبب وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1937.02.14  عيسوي

نامور تعليمي ماهر ۽ فرض شناس آفيسر، انجنيئر امام علي سومري، 14 فيبروري 1937ع ڌاري ٺارو شاهه شهر ۾، عبدالله سومري جي گهر ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بھاول خان انڙ
استاد محمد خان ڏيڌڙو
جنجهي مينهين ٻائي
سنت لوڙنگ ڏي
عبدالستار ڀٽي
جلال محمد مخدوم
الھبچايو يار محمد سمون
رحمت ﷲ مخدوم صدر ٺٽوي
سنڌو راج
جتوئي عاشق حسين
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون