سولنگي، بشير احمد

سولنگي، بشير احمد

بشير احمد سولنگي

بشير احمد سولنگي : ناليوارو فنڪار ۽ اسٽيج جو اداڪار، بشير سولنگي ولد سليم سيتائي، 14 سيپٽمبر 1983ع تي دادوءَ ۾ ڄائو. سندس والد شاعر، اسٽيج رائيٽر، اداڪار ۽ ڊائريڪٽر آهي. بشير کي ننڍپڻ کان ڳائڻ جو شوق هو، جنهنڪري انٽر کان اڳتي تعليم نہ پرائي سگهيو. هن اسٽيج اداڪار طور فن جي دنيا ۾ پير پاتو ۽ ڪيترا اسٽيج ڊراما ڪيائين. راڌڻ شھر ۾ هڪ اسٽيج ڊرامي دوران دوستن جي اسرار تي هن ڳائڻ شروع ڪيو ۽ کيس خوب داد مليو، ائين منجهس ڳائڻ لاءِ اتساھہ پيدا ٿيو. ان کانپوءِ هن ڀلوڙ راڳي استاد خادم حسين سخيراڻيءَ کان راڳ جي باقاعدي سکيا ورتي. هن جو ڳاتل پهريون گيت 2005ع ۾ ’ڇا ڪيان تو سوا پل نہ ٿي سري‘ هڪ سنڌي چئنل تي نشر ٿيو، جنهن بعد پي. ٽي. وي سميت مختلف ٽي. وي چئنلن تي کيس ڳائڻ جو موقعو ملندو رهيو، انهيءَ دوران سندس آڊيو ۽ وڊيو البم ’زلف‘ رليز ٿيو. بشير سولنگيءَ جا هن وقت تائين ڪيترا آڊيو ۽ وڊيو البم رليز ٿي چڪا آهن. کيس فني خدمتن جي مڃتا طور ڪيترا اوارڊ بہ ملي چڪا آهن، جن ۾ شاھہ لطيف ۽ قلندر اوارڊ اهم آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1983.09.14  عيسوي

ناليوارو فنڪار ۽ اسٽيج جو اداڪار، بشير سولنگي ولد سليم سيتائي، 14 سيپٽمبر 1983ع تي دادوءَ ۾ ڄائو.



راڳي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حسين بخش خادم
استاد ڪريم بخش خان
عطاءُ ﷲ خان عيسيٰ خيلوي
الطاف حسين سمون
صنم مارئي
خادم سخيراڻي
فقير منور علي دايو
فتح محمد خان ڏيڌڙو
ڊگامبر وشنو پولاسڪر
رمضان علي خان
راڳي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون