تاج محمد شيخ 1 اپريل 1963ع تي جيڪب آباد شهر ۾ پيدا ٿيو

تاج محمد شيخ 1 اپريل 1963ع تي جيڪب آباد شهر ۾ پيدا ٿيو

تاج محمد شيخ

تاج محمد شيخ: ليکڪ ۽ شاعر تاج محمد شيخ 1 اپريل 1963ع تي جيڪب آباد شھر جي غريب آباد پاڙي ۾ غلام سرور شيخ جي گهر ۾ پيدا ٿيو. پرائمريءَ کان ميٽرڪ تائين جيڪب آباد ۾ پڙهيو ۽ انٽر گورنمينٽ سٽي ڪاليج حيدرآباد ۾ پڙهيو. بي. اي شاھہ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان 1992ع ۾ ڪيائين ۽ ايم. اي بہ اتان ئي سنڌي ادب ۾ (فرسٽ ڪلاس) 1996ع ۾ ڪيائين ۽ پي. ٽي. سي گورنمينٽ ايليمينٽري ڪاليج آف ايجيوڪيشن ڪنڌڪوٽ مان 1995ع ۾ ڪئي. بي. ايڊ علامہ اقبال اوپن يونيورسٽي اسلام آباد مان 1994ع ۽ ايم. ايڊ فرسٽ ڪلاس ۾ شاھہ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان 2003ع ۾ ڪئي. هي 1989ع کان تعليم کاتي سان وابستہ آهي. هاءِ اسڪول جي زماني ۾ فوٽ بال جو رانديگر هو ۽ پنھنجي اسڪول جي ٽيم جو ڪپتان پڻ رهي چڪو آهي. هن جو ننڍپڻ کان ئي ادب سان لڳاءُ هو، غزل، نظم ۽ هائيڪي تي طبع آزمائي ڪئي اٿس. سندس شاعري، ڪهاڻيون ۽ تحقيقي مضمون مختلف ادبي رسالن ۾ شايع ٿيندا رهندا آهن. هي شيخ ويلفيئر ايسوسيئيشن جيڪب آباد جو 1991ع ۾ جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو. ٻاراڻي ادب تي لکيل سندس ٻن ڪهاڻين ’اميد‘ ۽ ’سرويچ سپاهي‘ کي دعوه اڪيڊمي، بين الاقوامي يونيورسٽي اسلام آباد طرفان بھترين ڪهاڻين جو انعام مليو. ڊائريڪٽر آف ايجوڪيشن لاڙڪاڻي پاران کيس 2000ع ۾ بھترين استاد جو سرٽيفڪيٽ ۽ ميڊل مليو. ان کان سواءِ 1994ع ۾ کيس نوجوان شاگرد تحريڪ جيڪب آباد پاران سرٽيفڪيٽ ڏنو ويو. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ”شاھہ لطيف جو علامتي شعور“ (تحقيقي مقالا:2007ع)، ”قرآني معلومات“ (2008ع) شامل آهن، جڏهن تہ ”حويليءَ جو در“ ڪهاڻين جو مجموعو اڻ ڇپيل صورت ۾ موجود آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1963.4.01  عيسوي

ليکڪ ۽ شاعر تاج محمد شيخ 1 اپريل 1963ع تي جيڪب آباد شهر جي غريب آباد پاڙي ۾ غلام سرور شيخ جي گهر ۾ پيدا ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حڪيم محمد صالح ڪانڌڙو
سوڀراج پرسرام مينگهاڻي
غلام صديق سومرو
انور ڏنگڙائي
شيخ عبدالواحد علامہ
اردشير ڪائوسجي
اظهار قاضي
صادق حسين قريشي
اجتو فقير راڄڙ
غلام حيدر عالماڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون