تر
ترن جو ٻوٽو
تِر (Sesame): خريف جي موسم جو هڪ تيلي ٻج آهي، جنھن کي هنديءَ ۾ تِل به چون ٿا. تِرن جا ٻه قسم ٿين ٿا، اڇو ۽ ڪارو، جيڪي بيضوي شڪل جا سنھا ٻج آهن. سنڌ ۾ قديم زماني کان تِرن جي پوک ٿئي ٿي. هن خطي مان تِرن جو تيل ڪجهه يورپي ملڪن ڏانھن واپار سانگي موڪليو ويندو هو. تِرن جو ٻج موهن جي دڙي ۽ هڙاپا جي آثارن مان پڻ مليو آهي، جنھن جو تعلق ٻه هزار سال اڳ ق.م جي دؤر سان آهي، جنھن مان هن فصل جي پراڻي وقت کان پوکي ٿيڻ جي شاهدي ملي ٿي. جڏهن ته مصر جي قديم آثارن مان مليل ٻج 1300 ق.م جو آهي. هي اهو ئي دؤر آهي، جڏهن بني اسرائيل کي مصر مان ڪڍيو ويو. ترن جي ٻج ۽ تيل جو ذڪر هندستان جي ويدن واري دؤر جي تحريرن يا لکتن ۾ به موجود آهي. ان زماني ۾ تِرن توڙي ان جي ٻج کي مذهبي ڏڻ ملهائڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو هو. ترن جو اصلوڪو وطن آفريقا آهي. هي فصل اولھه ايشيا کان هندوستان، چين ۽ جپان ڏانھن پکڙيو. هي فصل پاڪستان، هندوستان، برما، چين، جپان ۽ آفريقا جي گرم ۽ خشڪ علائقن ۾ خريف جي فصل طور تمام پراڻي وقت کان پوکيو وڃي ٿو. جڏهن ته آمريڪا، ميڪسيڪو، لاطيني آمريڪا ۽ ڪوريا ۾ به ترن جو فصل پوکيو وڃي ٿو. تِر خريف جو اهم تيلي ٻجن وارو فصل آهي، جيڪو اڪثر ڪري گرم آبھوا ۽ وچولي قسم واري زمين ۾ پوکيو وڃي ٿو. سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ ۽ مينھن جي گهٽ مقدار ۾ پوڻ سبب تِرن جي اهميت تمام گهڻي وڌي وئي آهي. هي فصل ٿوري وقت اندر پچي ٿو ۽ گهٽ ۾ گهٽ پاڻي تي ٿئي ٿو. تِرن جو فصل 80 سيڪڙو کان به وڌيڪ باراني علائقن ۾ پوکيو وڃي ٿو. علائقي جي لحاظ کان ترن جو فصل دادو، سکر، نوابشاهه ۽ حيدرآباد ضلعن جي آبپاشيءَ واري ايراضين ۾ به پوکيو وڃي ٿو. جڏهن ته ضلعي ٿرپارڪر ۽ عمرڪوٽ ۾ 80 سيڪڙو باراني فصل طور پوکيو وڃي ٿو. هن فصل کي جوئر، ٻاجهري، مڱ، گوار ۽ ڪپھه سان گڏ به پوکي سگهجي ٿو. ڪچي جي علائقن جھڙوڪ: دادو، سکر، گهوٽڪي، نوابشاهه (شھيد بينظيرآباد) ۽ حيدرآباد ضلعن ۾ تمام گهڻي ايراضيءَ تي گڏيل فصل طور به پوکيو وڃي ٿو. ان کان سواءِ هي فصل سنڌ جي خشڪ علائقن جھڙوڪ: ٿر، ناري، ڪچي، ڪاڇي ۽ ڪوهستان اندر برسات تي عام پوکيو وڃي ٿو. هن فصل جي في ايڪڙ پيداوار تي خرچ گهٽ ۽ نفعو وڌيڪ ڪمايو وڃي ٿو. تِرن جي اهميت ۽ فائدا: ترن جو ٻج کاڄرو تيل جو اهم ذريعو آهي، جنھن ۾ 46 کان 50 سيڪڙو تيل ٿئي ٿو. ترن جو تيل ننڍي کنڊ ۾ کاڌي جي تيل (Cooking Oil) طور ڪتب اچي ٿو. هي تيل انساني صحت لاءِ انتھائي اعليٰ معيار جو آهي، جيڪو سڀ کان وڌيڪ کاڌن تيار ڪرڻ لاءِ ڪم اچي ٿو. هن ۾ جيئن ته 50 سيڪڙو تيل جو مقدار ۽ 20 سيڪڙو پروٽين آهي، جنھن جي کائڻ سان دل جي بيمارين ۽ هاءِ بلڊپريشر وارن موذي مرضن کان بچي سگهجي ٿو. ترن جي تيل ۾ اولڪ ائسڊ (Oleic Acid) ۽ لنولينڪ ائسڊ (Linolenic Acid) هجڻ سبب گهڻو وقت رکڻ سان خراب نٿو ٿئي. دنيا اندر خاص ڪري مغربي ملڪن ۾ ڇلڪا لٿل ترن جو ٻج مانيءَ يا ڪيڪ مٿان ڇٽڪاري، ان کي سڌو يا گول ويڙهي کاڌي لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو. ترن جا ٻج ٽڙڪايل يا سيڪيل، کنڊ سان ملائي بوڙينڊن يا مٺائيءَ جي صورت ۾ کاڌا وڃن ٿا. تِرن جو ٻج جدا جدا شيون ٺاهڻ يا کاڌن ۾ شامل ڪيو وڃي ٿو. عام طور ترن جي ٻج مان ريوڙيون، لائي ۽ بوڙيندا ٺھن ٿا. تِرن جي کڙ (Oil Cake) ڏاڍي مزيدار ٿئي ٿي ۽ هڪ بھترين غذا هجڻ سبب جانور به مزي سان کائين ٿا. تِرن جي کڙ حياتين، نشاستي ۽ معدني خوراڪ جھڙوڪ: ڪئلشيم ۽ فاسفورس ۾ خود ڪفيل آهي. هن جي کڙ کاڄرو آهي ۽ عام ماڻهو ان کي متبادل خوارڪ طور کائين ٿا. هي کير وارن جانورن لاءِ پڻ قيمتي ۽ خوراڪي چارو آهي. ترن جو تيل عام طور دوائن، عطر ۽ خوشبودار تيل ۽ دوائن جي تياريءَ ۾ ڪم اچي ٿو. ان کان سواءِ هن ٻوٽي جا مختلف حصا پڻ دوائن ٺاهڻ ۾ ڪم اچن ٿا. ترن جي ٻن قسمن يعني اڇي ۽ ڪاري جنسن جو تيل گهاڻي ۾ پيڙي ڪڍيو وڃي ٿو، جنھن مان ڪارن ترن جو تيل کاڌي پچائڻ ۽ دوائن لاءِ ڪم اچي ٿو ۽ سفيد يا اڇن ترن جو تيل وارن جي لاءِ ڪتب آندو وڃي ٿو، جيڪو وارن جي خشڪي گهٽائي ٿو. ايشيا ۾ هن جي تيل کي ٻارڻ يا روشنيءَ لاءِ استعمال هيٺ آڻجي ٿو. ڪارخانن ۾ هن مان رنگ ۽ روغن تيار ڪيو وڃي ٿو. طبيبن جي راءِ موجب تر بدن کي ٿلهو ڪن ٿا ۽ معدي ۽ وات جي خشڪي ختم ڪري، پيشاب جي گهڻائيءَ کي روڪين ٿا. تِرن جو مزاج گرم آهي، جنھنڪري حڪيم سيني ۽ ڦڦڙن جي رطوبت ۽ جگر جي بيمارين جي علاج لاءِ مختلف طريقن سان استعمال ڪن ٿا. ترن جو تيل دماغ جي خشڪي لاهڻ، ٻڦي، خارش، پت، ڦٽ ڦرڙين کي فائدو ڏئي ٿو. ترن جا گل به طبي طور مفيد آهن. ٻج بدن کي سگهارو بڻائي ٿو ۽ سوڄ لاهي ٿو. تِر حيض جاري ڪن ٿا. ٻوٽي جي نباتاتي معلومات: تِر جو ٻوٽو اڀو، سادو ۽ شاخدار ٿئي ٿو. هن جا پن هيٺيان آمهون سامهون ۽ مٿيان الڳ الڳ آهن. ترن جا گل بي ترتيب يا هڪ طرفي شڪل وارا ۽ وقتي طور ٻه يا ٽي گڏ ٿين ٿا، جيڪي ننڍي ڏانڊي ۽ پن جي ڪنڊ مان ٽڙن ۽ شاخن جي مٿئين حصي کان نڪرن ٿا. ترن جي ڦل کي ڦري (Capsule) چئجي ٿو، جيڪا اڀي ۽ مستطيل شڪل جي ٿئي ٿي. ترن جي ڦري ۾ گهڻا بيضوي ٻج ٿين ٿا، انھن جي ٻاهران کل هموار يا ڄاريدار ٿئي ٿي، جيڪا سفيد، پيلي ۽ ڳاڙهاڻ مائل خاڪي يا ڪاري رنگ جي ٿئي ٿي. تر جا ٻج ننڍا اڇي يا ڪاري رنگ جا ٽڪنڊي شڪل ۾ ٿين ٿا. ترن جو ٻج، البيوميني ۽ تيلي يا روغني (Oleaginous) قسم جو آهي. ڇاڪاڻ ته هي هڪ قديمي تيل پيدا ڪندڙ فصل آهي، جنھن جو ابتدائي مرڪز آفريقا آهي. جتي ترن جي فصل جا الڳ جهنگلي قسم موجود آهن. پاڪستان هن فصل جو ٻئي درجي وارو مرڪز آهي ۽ ان بعد جپان به ٻئي درجي واري مرڪز ۾ اچي ٿو. تِرن جي پوک لاءِ حڪمت عملي: تِرن جي پوکيءَ ۾ حڪمت عملي سان پيداوار ۾ اضافو آڻي سگهجي ٿو، جنھن ۾ زمين جي چونڊ، تياري، جنسن، نج ٻج، پوکيءَ جو وقت ۽ طريقو، ڀاڻ، پاڻي، بيمارين ۽ جيتن جو تحفظ، لاباري، ڳاهه ۽ صفائيءَ کان وٺي مارڪيٽ يا منڊيءَ تائين پھچائڻ وارا مرحلا اچي وڃن ٿا. زمين: تِرن جي پوک لاءِ هلڪي وارياسي يا لٽاسي زمين ضروري آهي. جڏهن ته چيڪي ۽ ڳري زمين يا ڪلراٺي زمينن ۾ نه پوکڻ گهرجي. تِرن جي پوک لاءِ چونڊ ڪيل زمين ۾ واڌو پاڻيءَ جي نيڪال جي سٺي صلاحيت موجود هئڻ گهرجي. زمين جي تياري: ترن جي پوک لاءِ زمين جي تياريءَ تي خاص ڌيان ڏيڻ گهرجي. جنھن ۾ سُڪيءَ جا ٻه هر ڏئي ڀتر ڀڃي زمين کي بھتر نموني سنوت ۾ آڻجي ۽ ٻارا بندي مڪمل ڪري ريج ڪجي. جڏهن زمين وٽ ۾ اچي ته پوءِ ٻه ٽي هر ڏئي پاٽيو وغيره گهمائي گهربل ماپ جا ٻارا تيار ڪري پوکي ڪجي. باراني علائقن ۾ سانوڻيءَ جي مينھن کان پوءِ زمين تيار ڪري هڪدم پوکي ڪجي. جنسون: هن فصل جي پوک لاءِ سڌريل جنس ايس 17 استعمال ڪجي. جڏهن ته ايس 18 ۽ ايس 20 جنسون به سفارش ٿيل آهن، جيڪي زرعي تحقيقاتي اداري ٽنڊي ڄام جي تيلي ٻجن واري شعبي طرفان تيار ڪيون ويون آهن. پوکيءَ جو وقت ۽ طريقو: زرعي ماهرن موجب ترن جي پوک ڏکڻ سنڌ ۾ پھرين جون کان 30 جون تائين ۽ اتر سنڌ ۾ 15 جون کان 15 جولاءِ تائين مڪمل ڪئي ويندي آهي. باراني علائقن ۾ پوک سانوڻيءَ جي مينھن کان بعد جلدي ڪبي آهي، پر آگسٽ تائين پوک ڪري سگهجي ٿي. فصل مان وڌيڪ پيداوار لاءِ پوکي ناڙيءَ ذريعي قطارن ۾ ڪئي ويندي آهي. هڪ قطار کان ٻي قطار جي وچ ۾ مفاصلو هڪ کان ڏيڍ فوٽ هوندو آهي. هن فصل جو ٻج ننڍو ٿئي ٿو، تنھنڪري ٻج سان واري، مٽي يا ڇار ملائي پوکي ڪئي ويندي آهي. ٻج جو مقدار: زرعي ماهرن جي راءِ موجب ٻج هميشه نج يا صاف سٿرو استعمال ڪجي. ناڙيءَ وسيلي پوکيءَ لاءِ في ايڪڙ ٻج جو مقدار هڪ کان ڏيڍ ڪلو گرام ۽ ڇٽ ذريعي ٻج ڏيڍ کان ٻه ڪلوگرام استعمال ڪجي. ڇڊائي ۽ گُڏ: تِرن جي پوک ۾ تجربن ذريعي ثابت ٿيو آهي ته گهاٽي فصل مان پيداوار گهٽ لھي ٿي. تنھنڪري فصل ۾ ڇڊائي ضروري آهي. فصل ۾ پھريون پاڻي ڏيڻ کان اڳ ۾ يعني پوکيءَ جي 15 کان 20 ڏينھن بعد ڇڊائي ڪجي. ڇڊائيءَ سان ٻوٽن کي روشني ۽ هوا بھتر نموني ملي ٿي ۽ ٻوٽا سٺي واڌ ويجهه سبب وڌيڪ پيداوار ڏين ٿا. ڇڊائيءَ وقت ڪمزور ۽ سڙيل ٻوٽا ڪڍڻ گهرجن. هڪ ٻوٽي کان ٻئي ٻوٽي جو مفاصلو 12 انچ يا 30 سينٽي ميٽر رکجي. ٻوٽن جي وچ ۾ مفاصلو گهٽ وڌ نه هئڻ گهرجي. گندگاهه جي ٻوٽن جو گُڏ ذريعي خاتمو ڪري پاڻي ڏيڻ گهرجي. گڏ جو عمل پھريون پاڻي ڏيڻ بعد ڪرڻ گهرجي. ڀاڻ ڏيڻ: تجربن مان ثابت ٿيو آهي ته تِرن جي فصل کي زرخيز يا ڀلي زمين ۾ پوکيءَ وقت ڀاڻ ڏيڻ جي ضرورت نه آهي، پر وچولي ۽ ڪمزور زمين ۾ هڪ ٻوري ڊي. اي. پي پوکيءَ وقت ۽ مني ٻوري يوريا پھرين پاڻيءَ وقت ڏيڻ گهرجي. جڏهن ته باراني زمين ۾ ڀاڻ جو سمورو مقدار پوکيءَ وقت ڏجي. جنھن ۾ هڪ ٻوري ڊي. اي. پي ۽ اڌ ٻوري يوريا پوکيءَ وقت ڏيڻ گهرجي. هن فصل ۾ حد کان وڌيڪ ڀاڻ نه ڏجي، ٻيءَ صورت ۾ فصل ڀَلَ سبب ڪري پوندو ۽ پيداوار گهٽ لھندي. پاڻي ڏيڻ: ترن جي فصل کي پوکيءَ کان پچي راس ٿيڻ تائين 3 کان 4 هلڪا پاڻي ڏيڻ گهرجن، پاڻي ڏيڍ کان 2 انچ ڏيڻ گهرجي. جيڪڏهن فصل جي پاڙن ۾ پاڻي بيٺل نظر اچي ته ان جي نيڪال جو پورو بندوبست هئڻ گهرجي. گندگاهه ڪڍڻ: تِرن جي فصل ۾ گندگاهه جو خاتمو فصل جي پوکيءَ جي 15 ڏينھن کان وٺي 45 ڏينھن تائين آڻڻ گهرجي. فصل کي پھريون پاڻي ڏيڻ بعد گندگاهه جي خاتمي لاءِ کرپي، کيڙو ۽ ڪوڏر ڪم آڻجي يا گندگاهه کي هٿ سان ڪڍڻ گهرجي. لابارو: تِرن جو فصل 110 کان 120 ڏينھن اندر پچي تيار ٿئي ٿو. فصل جو لابارو ان وقت ڪجي، جنھن وقت ڦريون هيڊيون ٿيڻ لڳن. جڏهن پنن جو ڇاڻو ٿيڻ لڳي ته جلدي لابارو شروع ڪجي، لاباري ۾ دير نه ڪجي نه ته ڦرين سڪڻ سبب انھن جا منھن کلي ويندا ۽ ٻج ڇڻڻ شروع ڪندو ۽ پيداوار گهٽجي ويندي، جنھنڪري ڦرين سڪڻ کان پھرين لابارو ڪرڻ گهرجي. اڪثر حالتن ۾ فصل جو لابارو سيپٽمبر جي آخر يا آڪٽوبر جي پھرين هفتي ۾ ڪيو وڃي ٿو. ڳاهه ۽ وائر: لابارو ٿيل ٻوٽن جون ننڍيون ننڍيون ڳٺڙيون ۽ گڏا ٺاهي ٻڌجن. ٻوٽن جو ڦرين وارو حصو مٿان ڪجي ته جيئن اس لڳي. گڏا اڀار ڪري رکڻ گهرجن ته اس لڳڻ سبب ڦريون کلي نه وڃن. جڏهن ٻوٽا مڪمل طور سڪي وڃن ته انھن کي صاف جاءِ تي رکي هلڪا ڌڪ هڻجن ته جيئن ٻج آسانيءَ سان نڪري وڃن. بعد ۾ ٻج صاف ڪري ۽ سڪائي ٻورين ۾ رکجي. پيداوار: تِرن جي فصل جي نھري علائقن ۾ پيداوار 10 کان 12 مڻ في ايڪڙ لھي ٿي. جڏهن ته باراني پوک جي پيداوار 4 کان 6 مڻ في ايڪڙ ملي ٿي، پر جيڪڏهن موسمي حالتون صحيح آهن ته سٺي نموني پوکيل فصل مان 18 کان 20 مڻ في ايڪڙ پيداوار وٺي سگهجي ٿي. هي نھايت ڪمائتو فصل آهي.